شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: جاچ ۾ ٻن پرڏيهين کي به شامل ڪيو ويو

0
262
شهيد ناظم جوکيو قتل

شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرايون ٿيون آهن ۽ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ ٻن پرڏيهين کي به شامل ڪيو ويو آهي. ملير جي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو هو ته واقعي جي جاچ ۾ پرڏيهين کي به شامل ڪيو وڃي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي قتل ڪيس جي جاچ ۾ هاڻي ٻن پرڏيهين کي به شامل ڪيو ويو آهي

شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم ڪجهه شروعاتي شاهديون به هٿ ڪري ورتيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي شهيد ناظم جي موبائيل فون جي ڊيٽا به ملي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي ناظم جوکيو جي قتل وقت ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ايم پي اي ڄام اويس جي ڄام هائوس ۾ موجودگي جون شاهديون مليون آهن

ملير پوليس قتل ڪيس ۾ گرفتار ايم پي اي ڄام اويس سميت ٽن جوابدارن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي کين عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٽنهي جوابدارن جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 4 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏني. ايم پي اي ڄام اويس ۽ سندس ٻن گارڊز کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيلن پاران سندن خلاف نعريبازي به ڪئي وئي

عدالت ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد ناظم جوکيو ۽ سندس وڪيلن چيو ته اسان کي پوليس جي جاچ تي اعتماد نه آهي ۽ سردارن پاران ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن

ھي وڊيو بھ ڏسندا