اي پي ايس سانحو: سپريم ڪورٽ پاران لکت ۾ حڪم نامو جاري

0
211
اي پي ايس سانحو
اي پي ايس سانحو: سپريم ڪورٽ پاران لکت ۾ حڪم نامو جاري

سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي گذريل ڏينهن ٿيل ٻڌڻيءَ جو  لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. 3 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو چيف جسٽس گلزار احمد لکيو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان عدالت جي آڏو پيش ٿيو ۽ چيو ته هن 20 آڪٽوبر جو حڪم نامو پڙهيو آهي

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عدالت ۽ شهيد ٻارڙن جي والدين کي خاطري ڪرائي ته شهيدن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ رياست پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ هر ممڪن قدم کڻندي. حڪومت ڪوتاهي جي ذميوار ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي

عدالت قرار ڏنو ته شهيد ٻارن جا والدين شهادتن تي ڪو به عذر قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. والدين 20 آڪٽوبر جي فيصلي ۾ نامزد ماڻهن کي غفلت جو ذميوار سمجهن ٿا. عدالت حڪم ڏنو ته حڪومت شهيدن جي والدين جو موقف ٻڌي ۽ ڪارروائي ڪري. عدالت اٽارني جنرل کي وزيراعظم جي صحيح ٿيل رپورٽ چئن هفتن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي هلائيندي وزيراعظم کي به طلب ڪيو هو ۽ وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿيو هو. وزيراعظم عدالت ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي، مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو. توهان حڪم ڪيو  اسان ڪارروائي ڪنداسين

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي والدين جو موقف ٻڌي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي هئي

ھي وڊيو بھ ڏسندا