سيمي فائينل جو دنگل: پاڪستان آسٽريليا کي 177 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو

0
345
سيمي فائينل جو دنگل
سيمي فائينل جو دنگل: پاڪستان آسٽريليا کي 177 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو

دبئي: پاڪستان ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل واري دنگل ۾ آسٽريليا کي 177 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي. اوپنر  محمد رضوان 67 رنس جي شاندار اننگز کيڏي. فخرالزمان 55 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان بابر اعظم 39 رنس ٺاهيون. آصف علي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو

شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ هڪ هڪ رن ٺاهي سگهيا. آسٽريلوي بالر مچل اسٽارڪ 2 وڪيٽس ورتيون. پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. فخر زمان ۽ محمد رضوان اننگز ۾ 4-4 ڇڪا هنيا