ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جَي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو

0
343
آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جَي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو

آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جَي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو، آسٽريليا 178 رنز جو هدف 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري پاڪستاني مداحن جون دليون ٽوڙَي ڇڏيون.

 

دبئي ۾ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جِي دعوت ڏني، پاڪستاني اوپنرز محمد رضوان ۽ ڪپتان بابر اعظم اننگز جِي شاندار ۽ پُراعتماد شروعات ڪئي پر آسٽريلوي اسپنر ايڊم زَمپا بابر اعظم کي آئوٽ ڪري اوپنرز جِي پارنٽر شپ ٽوڙي ڇڏي، بابر 39 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويو، پوءِ به محمد رضوان 67 رنز جِي شاندار اننگز کيڏي.

 

محمد رضوان ۽ فخر زمان وڏو اسڪور ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي پر آسٽريليا جِي زبردست بالنگ سبب وڏا شارٽ کيڏي نه سگهيا ۽ نيٺ محمد رضوان به آئوٽ ٿي ويو ۽ پوءِ آصف علي آيو، جيڪو بنا کاتو کولڻ جَي وڏو شارٽ کيڏندَي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

 

هن ڀيري شعيب ملڪ به پچ تي ڄمِي نه سگهيو ۽ رڳو هڪ رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو، فخر زمان مختلف وقتن تي تيز کيڏڻ بعد آخري اوور ۾ به 2 ڇڪا هنيا، جنهن سبب پاڪستان 177 رنز ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

اهڙي ريت پاڪستان آسٽريليا کي 178 رنز جو هدف ڏنو، آسٽريليا بيٽنگ شروع ڪئي ته شاهين آفريدي روايتي بالنگ ڪندَي آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ کي پهرين ئي اوور ۾ ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪري واپس پويلين موٽائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڊيوِڊ وارنر ۽ مچل مارش ٽيم جِي پوزيشن مضبوط ڪئي پر شاداب خان جِي زبردست بالنگ آڏو اهي به گهڻو وقت ٽِڪِي نه سگهيا.

اِسپنر شاداب خان بهترين بالنگ ڪندَي 4 شڪار ڪيا، جنهن ۾ ڊيوڊ وارنر، مچل مارش، مَيڪسوَيل ۽ اِسٽِيو سِمٿ شامل آهن، 5 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ آسٽريليا تي دٻاءُ وڌي ويو پر