شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ چور شھرين جي ور چڙھي ويو، شھرين چور کي سوگهو ڪري سخت مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، شھدادپور سانگهڙ روڊ تي اناج منڊي وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽي جي سامهون بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪندي چور پڪڙجي پيو، شھرين ۽ دڪاندارن چور کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن کي تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو ويو، چور جي سڃاڻپ سڪرنڊ واسي رياض رند طور ٿي، پوليس جوابدار مٿان چوري الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته موٽر سائيڪل پڻ ڪيس ۾ پراپرٽي ڄاڻائي چالان ڪري ڇڏيو.