حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا لطيف آباد ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي گهرن جون چئوديواريون، گاڏي پارڪنگ ۽ نرسريون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته انتظاميا ٻن درجن کان وڌيڪ دڪانن سامهون قائم ٿلها ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد يونٽ نمبر 11 ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملي سان گڏجي حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران اينٽي انڪروچمينٽ عملي ڳري مشينري ذريعي ڪيترن ئي گهرن جون غيرقانوني قائم ديوارون، گاڏي پارڪنگ لاءِ ٺهيل پارڪنگ ايريا توڙي نرسريون ڊاهي پٽ ڪيون جڏهن ته عملي مختلف بازارن ۾ 2 درجن کان وڌيڪ دڪانن سامهون قائم ٿلها ۽ ڇپرا به ڊاٺا. ڪارروائي بابت اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تحت حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. اي سي موجب آپريشن بابت علائقي واسين کي نوٽيس جاري ڪري اطلاع ڪيو ويو هو ته پاڻمرادو سرڪاري ايراضي تان قبضا ختم ڪن پر انهن انتظاميا سان سهڪار نه ڪيو ان ڪري ڄاڻايل علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته لطيف آباد جي سمورن علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري رهندو جنهن لاءِ انهن ايڇ ايم سي کان مدد به طلب ڪري ورتي آهي.