ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان ۽ لاهور قلندرز جي شاهين شاهه آفريدي وچ ۾ جاري تڪرار ختم ٿي ويو آهي، سرفراز احمد شاهين آفريدي جي معذرت قبول ڪندي کيس ڀاءُ ڪوٺي ڇڏيو. سرفراز احمد شاهين آفريدي جي ٽوئٽ تي رد عمل ڏنو ته هتي سڀ صحيح آهي، جيڪو ڪجهه فيلڊنگ ۾ ٿيندو آهي، ان کي فيلڊنگ ۾ ئي رهڻ ڏيو. سرفراز شاهين آفريدي لاءِ لکيو ته اوهان پاڪستان جا اسٽار آهيو ۽ منهنجا ننڍا ڀاءُ آهيو.