اڏيرولال(ن پ ا): هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻولين جي شاعر امين اڏيرائي جي 19هين ڪتاب ”نيند ڪا شهر“ جي مهورتي تقريب ۽ سنڌي اردو مشاعرو جي تقريب آصفيٰ اڪيڊمي هاءِ اسڪول اڏيرولال اسٽيشن ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان شاعرن ۽ اديبن ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، عاشق چانڊيو، عبيدالرحمان مغل، جَمي چانڊيو، مشعود مغل، امداد شاهه بخاري، اداس سولنگي، رئوف ساحر، احمد خان خاصخيلي، غلام حيدر خاصخيلي، احساس ميرل سهتو، عاجز ڇٽو، حيدر امان، ياسيمن زاهد، منظور عمراڻي، زوهيب ٻرڙو، شهزاد ڀٽي، فقير بلاول خشڪ، محمد امين آرائين، جميل احمد کوسو، خالد ميرالي، اويس عمراڻي، زاهد مختار، پروفيسر سليم بيگ، يونس عظيم، راشد علي، دانش انڙ، بختيار علي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڀلائي فائونڊيشن جي چيئرمين عزت علي برهماڻي خطاب ڪندي چيو ته اڏيرولال اسٽيشن ادبي حوالي سان نه رڳو پاڪستان بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي موجود هڪ شخص مون سان مخاطب ٿيندي پڇيو ته اوهان امين اڏيرائي جي شهر جا آهيو. هن چيو ته امين اڏيرائي هڪ ننڍڙي شهر سان تعلق ضرور رکي ٿو پر هو وڏو نالو آهي. ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته 2002 ۾ مون اڏيرولال اسٽيشن ۾ امين اڏيرائي سان گڏ ڪم ڪيو، هن چيو ته امين اڏيرائي پاڪستان ۾ وڏي ليول جو شاعر آهي.