خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ علي مراد پاڙي جو ڊسپوزل بند ٿيڻ سبب ڪيترا ئي علائقا گٽرن جي گندي پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويا، رهواسي سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻ لڳا آهن، ان ڏس ۾ علي مراد پاڙي، نئون ڳوٺ پاڙي ۽ سائده ڳوٺ پاڙي جي رهواسين دانهيندي چيو ته ڊسپوزل تي بااثر طرفان قبضو ڪري ڊسپوزل بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب گٽرن جو گندو پاڻي رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، سخت ڏکيائيون آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي.