شادي جي اسٽيج تي گھوٽ کي ماءُ پاران چپل سان ڪٽڪو

0
511

ممبئي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ٿيندڙ شاديون مختلف رسمن ۽ حادثن جي ڪري اڪثر خبرن جي زينب بڻيل ھونديون آھن، ھڪ واقعو انٽرنيٽ تي تيزي سان وائرل ٿي رھيو آھي تھ جنھن ۾ والدا پاران اسٽيج تي چڙھي سوين مھمانن جي سامھون گھوٽ کي چپل سان مارڪٽ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو، ڀارتي ميڊيا موجب ھي واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ھڪ ڳوٺ ۾ گھوٽ ڪنوار جي اسٽيج تي ھڪ ٻئي کي ھار پارائڻ جي تقريب دوران پيش آيو، وڊيو ۾ ڏسي گھجي ٿو تھ گھوٽ ڪنوار خوبصورت تيار ڪيل اسٽيج تي ھڪٻئي کي ھار پارائڻ ۾ مصروف ھئا تھ اوچتو گھوٽ جي ماءُ اسٽيج تي چڙھي پھريان تھ ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ پوءِ مھمانن سامھون گھوٽ پٽ کي چپل سان مارڻ شروع ڪيو، خبر آھي تھ والدا پٽ جي ٻئي ذات جي ڇوڪري سان شادي تي خوش نھ ھئي.