سکر(بيورو رپورٽ) رتوديرو جي رھواسڻ ريحانا زال مرحوم نادر ڏاھاڻي پنھنجي والد علي حسن ۽ معصوم پٽ سان گڏجي سکر پريس ڪلب پھچي دانھيو آھي ته 9 سال اڳ نادر ڏاھاڻيءَ سان پسند جي شادي ٿي، جيڪو 6 سال اڳ ۾ فوت ٿي ويو آھي، مڙس جي وفات کان پوءِ ڏير بيگناھ ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻائي رھيا رھيا آھن، مجبور ٿي چار ڏينھن اڳ پنھنجي والد وٽ پھتي آھيان. ھن اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.