سوڀوديرو (ن پ ا) ڳوٺ انب جي رھواسڻ شمشاد ملاح پنهنجي ڀائرن علي حسن، غلام مصطفيٰ سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته مڙس حبدار علي چار سال کان گھران ڪڍي ڇڏيو آهي، خرچ نه ٿو ڏي، مون کي ڏاج ۾ مليل سون ۽ ٻيو سامان به کسي ڇڏيو آهي، پاڻ ۾ ڏي وٺ جو رشتو ٿيل آھي، منهنجي عيوض منهنجي مڙس جي ڀيڻ منهنجي ڀاءُ کي ڏنل آھي، منھنجو ڀاءُ گل حسن چار سال اڳ فوت ٿي ويو، ڀاڄائي مڙس جو گھر ڇڏي مائٽن ڏانھن ھلي وئي، ان کان پوءِ منھنجي مڙس مون کي پنھنجن مائٽن جي چوڻ تي گھران ڪڍي ڇڏيو آهي.