ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت 13 سالن جي نينگري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل 8 ورهين جي ٻارڙي شعيب جي 10 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ٻارڙي جي والدين شمن علي ۽ ريشما جي پڻ 30-30 هزار رپين ۾ ضمانت منظور ڪئي. ٻارڙي شعيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس پاران 8 ورهين جي شعيب، سندس والد شمس ۽ والده کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ٻارڙي شعيب جي والد عدالت کي ٻڌايو ته شعيب جو 3 ڏينهن اڳ طهر ٿيو آهي. ان موقعي تي فريادي منور علي عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي 13 سالن جي نياڻيءَ کي ورغلائي زنا جي نيت سان اغوا ڪيو ويو آهي .