سکر تعليمي بورڊ نئين چيئرمين جي مقرري رولڙي جو شڪار

0
173
سکر تعليمي بورڊ نئين

سکر(بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين جي مقرريءَ حوالي سان سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ڊپارٽمينٽ وارو آرڊر صحيح يا جعلي ؟ جاري آرڊر مطابق جوائننگ وٺڻ لاءِ پھتل لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين کي چارج نه ڏيڻ جو انڪشاف، لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ طرفان چارج نه ملڻ جي تصديق. رپورٽ موجب پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ جي ڀاءُ سکر تعليمي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سيد مجتبيٰ شاھ جو 25 نومبر تي مدو پورو ٿيڻ ۽ چيئرمين شپ جي چارج لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ حوالي ڪرڻ واري ليٽر بابت سوال پيدا ٿي ويا آھن

اھڙو ليٽر ملڻ جي چئن ڏينھن بعد لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جو چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ سکر تعليمي بورڊ جي چارج وٺڻ لاءِ پھتو ته کيس چارج نه ڏني وئي، جنھن متعلق رابطو ڪرڻ تي پروفيسر نسيم ميمڻ جو چوڻ ھو ته بورڊ جي ذميوارن اِھو چئي کيس چارج وٺڻ کان انڪار ڪيو ته خورشيد شاھ پنھنجي ڀاءٌ جي مدي ۾ اضافي لاءِ ڪوشش ڪري رھيو آھي، جنھن کان پوءِ مون چارج توڙي بورڊ آفيس سکر پھچي تصويرون ڪڍي سيڪريٽري توڙي صوبائي وزير کي اماڻيون ۽ پيش آيل سموري معامري متعلق آگاهه ڪيو آھي. رابطو ڪرڻ تي تعليمي بورڊ سکر جي سيڪريٽري رفيق احمد پلهه جو چوڻ آھي ته نسيم ميمڻ جي ڳالھه ۾ ڪا به صداقت ناھي، جنھن جي پھچڻ تي اسان کين چيو ته ھن وقت تائين لاڳاپيل اختيارين وٽان تصديق ٿيل ليٽر ناھي پھتو

ذريعن وٽان مليل چاڻ موجب سيد مجتبيٰ شاھ لڳ ڀڳ 10 سالن کان تعليمي بورڊ سکر جو چيئرمين رھيو، سيد مجتبيٰ شاھ جي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ کيس مختلف وقتن تي مدو وڌايو ويو، تعليمي بورڊ چيئرمين طور 6 مھينن لاءِ آخري ڀيرو مدي ۾ اضافو ڪيو ويو ھو جيڪو 25 نومبر تي پورو ٿي ويو. پروفيسر نسيم ميمڻ چوڻ اختياريون اڄ ڪلھه واٽسپ ذريعي آرڊر اماڻين ٿيون

اختيارين طرفان مون کي توڙي تعليمي بورڊ سکر جي اختيارين کي اِھو ليٽر اماڻيو آھي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سکر، نوابشاھ، ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ ٽيڪنيڪل بورڊ ڪراچيءَ جي چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ اشتھار ڏنا ويا ويا جنھن کان پوءِ 98 اميدوارن انٽرويوز ۾ حصو ورتو، ذريعن اِھو به ٻڌايو آھي ته سرچ ڪاميٽيءَ جي جاري  ٿيل رزلٽ کي سنڌ جي وڏي وزير رد ڪري ڇڏيو ھو.