سڀاڻي وارو جلسو ڪراچي ۾ ٿيل جلسن جا رڪارڊ ٽوڙيندو: نثار کهڙو

0
311
سکر: نثار کهڙو جي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ طرفان 18 آڪٽوبر جي شهيدن جي ياد ۾ ڪراچي ۾ جلسو  ٿيندو، جنهن کي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سميت پارٽي جا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا،

جلسي لاءِ مزار قائد وٽ جناح باغ  ۾ اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، جلسي گاهه کي پارٽي جي جھنڊن سان سينگاريو ويو آهي. پارٽي اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته جلسي گاهه ۾ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، شام 5 وڳي کان شروع ٿيندڙ  جلسي ۾ سڄي سنڌ مان ڪارڪنن جا قافلا شرڪت ڪندا،

ٻئي طرف گذريل ڏينهن پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، شازيه عطا مري، فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين اڳواڻن جلسي گاهه جو دورو ڪندي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي ۽ شازيه مري دعويٰ ڪئي ته اڄ وارو جلسو ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٿيل جلسن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو،

اسان 18 آڪٽوبر جي شهيدن کي وساري نٿا سگھون.  ڪارساز جي شهيدن ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جان ڏني، مشرف جي دور ۾ اهو واقعو پيش آيو، هن نه پي چاهيو ته بينظير ڀٽو ملڪ واپس اچي. هنن چيو ته 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر وارا واقعا هڪ سازش جون 2 ڪڙيون آهن، محترمه سر تري تي رکي واپس آئي.

هوڏانهن جلسي گاهه ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان ايندڙ قافلن لاءِ الڳ الڳ پارڪنگ ايريا مخصوص ڪيا ويا، جلسي ۾ عورتن جي ويهڻ لاءِ الڳ انتظام ڪيا ويا آهن .

جلسي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، وڏي انگ ۾ ليڊيز اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويو آهي، واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن، ماڻهن کي جھڙتي بعد جلسي گاهه ۾ ڇڏيو ويندو، جلسي گاهه سان لڳندڙ روڊ  ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا آهن، ٽريفڪ پوليس طرفان شهرين کي متبادل رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي