سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن دوران صوبي  ۾ ڊينگي جا 53 نوان ڪيس ظاهر

0
224
سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو
سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن دوران  صوبي  ۾ ڊينگي جا 53 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن دوران  صوبي  ۾ ڊينگي جا 53 نوان ڪيس ظاهر، هلندڙ مهيني ڊينگي ڪيسن جو انگ 686 تائين پهچي ويو،

ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي جي اختيارين پاران 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڊينگي جي ظاهر ٿيل ڪيسن بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 32،  حيدرآباد ۾ 10، ٿرپارڪر ۾ 3، ميرپورخاص ۾ 5، لاڙڪاڻي، عمرڪوٽ ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ آڪٽوبر مهيني  دوران ڊينگي ڪيسن جو انگ 686 تائين پهچي ويو آهي.