اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ جي ججن کي چيو آهي ته اهڙي ڪا شي نه ڪجو جنهن سان اسان جي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي ڪمزور ٿي وڃي. وڊيو خطاب ۾ هن چيو ته وڏا ڦورو گهمي رهيا آهن انهن کي اسان جي مٿان ويهاريو ويو آهي ۽ قانون ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کان پڇن نه ٿو چاهيان پر خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو ته توهان لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي، هنن پهرين سپريم ڪورٽ کي ورهايو هو پهرين سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ۽ پوءِ پئسو هلايو ۽ ورهائي هنن کي هٽايو ۽ مون کي اهو خطرو موجوده سپريم ڪورٽ تي به نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته هي چونڊن کان نڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ان کان ڊڄي هنن اهو طريقو اختيار ڪيو آهي هنن جي گهرووزير چيو آهي ته جلسن جلوسن بنا چونڊون ٿي وڃن. هن چيو ته اڄ وڪيل برادري ۽ ججن کي چوان ٿو ته قوم توهان سان گڏ بيٺي آهي وڪيل برادري نه بيٺي ته هتي جهنگ جو قانون اچي ويندو. وڪيل چاهي مخالف گروپن ۾ هجن پنهنجي گروپ جي سياست ڪن پر ان نڪتي تي سڀ گڏ ٿين، وڪيلن چيف جسٽس جي بحالي جي تحريڪ هلائي هئي هاڻ وري ٻيهر اهو وقت اچي ويو آهي ان لاءِ توهان کي اپيل ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ادب سان سپريم ڪورٽ جي ججن کي چئي رهيو آهيان هن ملڪ لاءِ نه ورهائجو نه، تاريخ سڀ ڏسي رهي آهي ۽ هي فيصلائتو موڙ آهي ۽ هن وقت اهڙي ڪا شي نه ڪجو جنهن سان اسان جي جمهوريت، اسان جو آئين ۽ قانون جي بالادستي ڪمزور ٿئي. هن چيو ته هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي جمهوريت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، نگران حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ جي ڪوشش جمهوريت ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اڄ جي حالتن کان ته جنرل مشرف جون حالتون بهتر هيون. پاڪستان ۾ اهڙيون حالتون ڪڏهن ناهن رهيون.