لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ پوليس تحريڪ انصاف کي ريلي ڪڍڻ نه ڏني، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪرين دوران ڪينال روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پي ٽي آءِ پاران هڪ ڪارڪن شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته سندن ٻن ڊي ايس پيز سميت 11 اهلڪار زخمي ٿيا آهن. تفصيل موجب تحريڪ انصاف کي پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات لاهور ۾ عمران خان جي قيادت هيٺ ريلي سان ڪرڻي هئي. ان کان اڳ ئي پنجاب حڪومت لاهور ۾ هڪ هفتي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي جلسي، جلوس ۽ ريلي تي پابندي هڻي ڇڏي. جنهن بعد ڪينال روڊ کان مال انڊر پاس ڏانهن ويندڙ رستو ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو . جڏهن ته زمان پارڪ مان ڪارڪنن جو وڏو انگ ريلي ڪڍڻ لاءِ  مال روڊ تي پهتو ته پوليس کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو، ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته ڪينال روڊ تي پوليس اهلڪار ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا، تحريڪ انصاف ڪارڪنن پوليس اهلڪارن تي پٿر وسايا، جنهن دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، شيلنگ ۽ پٿراءُ سبب ڪيترائي ڪارڪن ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا.  ٻئي پاسي عمران خان موجوده صورتحال تي پنهنجي قانوني صلاحڪارن ۽ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس تشدد ۽ شيلنگ ۾ سندن هڪ ڪارڪن علي بلال شهيد ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي ڪارڪن سخت زخمي آهن جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي ٻئي طرف پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پرتشدد ڪارروائين کي روڪڻ دوران ٻن ڊي ايس پيز سميت 11 اهلڪار زخمي ٿيا آهن، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ٻئي طرف پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس طرفان زمان پارڪ ڪينال روڊ تان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس پاران زمان پارڪ ويجهو واٽر ڪينن ۽ وڏي نفري پهچائي وئي آهي. پي ٽي آءِ جا ڏنڊا بردار ڪارڪن به زمان پارڪ ۾ موجود آهن، عمران خان جي رهائش گاهه آڏو پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ منهن ماري ٿي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڪيئي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.  هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ريلي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي پرامن نموني واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي سندس چوڻ هو ته پوليس بدترين تشدد جو مظاهرو ڪيو جنهن سبب سندن هڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويو.

لاهور(م ڊ)پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي هنگامن ۾ شهري جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز مان جاچ ڪري واقعي جي تهه تائين پهچي حقيقت سامهون آندي وڃي. نگران وڏي وزير جي هدايت بعد پوليس ان گاڏي جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي جنهن ۾ فوتي کي سروسز اسپتال آندو ويو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ پاران هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ پرائيويٽ گاڏي ۾ سوار ڪجهه ماڻهو هڪ فوتي نوجوان جو لاش سروسز اسپتال ۾ پهچائيندي نظر اچن ٿا ۽ لاش ڇڏي واپس هليا وڃن ٿا.