لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ داخل 3 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. عمران خان رمنا ٿاڻي اسلام آباد جي 2 ڪيسن ۽ ڪوئيٽا جي هڪ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي. هن بيرسٽر سلمان صفدر جي حوالي سان حفاظتي ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون جنهن ۾ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آهي، عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته رمنا ٿاڻي تي داخل ڪيل ٻنهي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيس پيڪا قانون جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر پوليس سندس غيرقانوني گرفتاري لاءِ زمان پارڪ رهائشگاهه کي گهيرو ڪري رکيو آهي. آءِ جي پنجاب کي چيو وڃي ته رڪاوٽن کي هٽايو وڃي. درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته 22هون وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ ملڪ کي ادائيگين جي بحران کان بچائڻ لاءِ وقت تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو. آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون ۽ آمريڪي فوج کي افغانستان مان نڪرڻ واري قدم کي يقيني بنايو. ڪورونا دوران کنيل قدمن تي سڄي دنيا تعريف ڪئي. سياسي مخالفن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن.