اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته يوڪرين جنگ سبب شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جنهن سان پاڪستان ۾ مهانگائي ٿي. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورنر اسٽيٽ بئنڪ به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ اختيارين مهانگائي، وياج جي شرح ۽ فارن ايڪسچينج بابت بريفنگ ڏني. اسٽيٽ بئنڪ گورنر ڪاميٽي کي ٻڌايو ته معيشت هن وقت ڪيترن ئي اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، يوڪرين جنگ سبب شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جنهن سان پاڪستان ۾ به مهانگائي ٿي، هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 10 ارب ڊالر رهڻ جو ڪاٿو آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسي قدمن سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هن وقت گهڻو گهٽ آهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 7 ارب ڊالرن تائين رهندو. گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي کانپوءِ ڊالر جي آمد بهتر ٿيڻ سان ناڻي ذخيرن ۾ بهتري ايندي، ايندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 4.3 ارب ڊالر هوندا. هلندڙ سال جي مهانگائي جي سالياني شرح 26.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو ڪاٿو آهي.