سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان لاڏاڻو ڪري ويو

0
426
سينيئر سياستدان

مٽياري (ن پ ا) سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، مخدوم خليق الزمان ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو جتي هو فوت ٿي ويو آهي

مرحوم مخدوم امين فهيم جو ڀاءُ، مخدوم طالب المولي جو پٽ، شهيد بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران مخدوم خليق الزمان جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو چوڻ آھي تھ مخدوم خليق الزمان محترما جو ساٿي ۽ پ پ جو اھم اڳواڻ ھو، وڏي وزير چيو تھ مخدوم خليق الزمان جي خدمتن کي ھميشا ياد رکيو ويندو،

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار  ڪيو آھي، بلاول ڀٽو جو چوڻ آھي تھ مخدوم خليق الزمان جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف پ پ جي پليٽ فارم تان ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو