لکي غلام شاھ (ن پ ا) ڪشمور انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل تنوير بروهي، ياسر بروهي ۽ محمد حنيف بروهي جي جنازي نماز ڳوٺ علي محمد بروهي جي پرائمري اسڪول ۾  ادا ڪئي وئي، ٽن نوجوانن جي گڏيل جنازي نماز دوران هر اک آلي رهي، سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو جڏھن ته چوٿين فوتي نوجوان محمد ادريس بروهي جو مڙھ قمبر روانو ڪيو ويو جنهن جي لاء ٻڌايو وڃي پيو ته هو شاديءَ ۾ مهمان ٿي آيل هو، جيڪو پڻ حادثي جو شڪار بڻيو.ٽن نوجوانن تنوير ياسر ۽ حنيف بروهي جو تڏو ڳوٺ علي محمد بروهي ۽ جمعا خان بروهي ۾ رکيو ويو، جڏھن ته ادريس بروهي جو تڏو قمبر لڳ اباڻي ڳوٺ ۾ وڇايو ويو.هوڏانهن روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل مديجي جو رپورٽر شعيب بروهي سندس ڀاء محمد بخش بروهي ۽ ٻين زخمين جي حالت بهتر ٿيڻ ڪري کين اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آھي.ٻئي طرف روڊ حادثي ۾ چئن نوجوانن جي فوت ٿيڻ بعد ڳوٺ جمعا خان بروهي ۽ ڳوٺ علي محمد بروهي ۾ رٿيل شادين جو ٽي ڏينهن تقريبون ملتوي ڪيون ويون آھن.