سڪرنڊ (ن پ ا) شهيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي اينڊ اينيمل سائنسز سڪرنڊ جي 13ڊپارٽمينٽ ۾ سال 2022 جي  9 بئچ لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿي، جنهن ۾ مختلف صوبن کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، 570 شاگردن پاران مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا لاءِ فارم جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته 390 شاگردن ۽ 40 شاگردياڻين ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، شاگردن ۾ آزاد ڪشمير، پنجاب، گلگت، بلوچستان ۽ سنڌ جا شامل هئا، ٽيسٽ جا نتيجا يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا، ان موقعي تي وائيس چانسلر احمد سلطان جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي ۾ مختلف ڊپارٽمينٽ هن سال شروع ڪيا ويا آهن، جيڪي شاگردن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا، ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، يونيورسٽي ٻاهران سپاف ۽ جسقم پاران شاگردن کي ويلڪم ڪرڻ لاءِ ڪئمپون پڻ لڳايون ويون هيون.