سوال/سروي وفاقي راڄڌاني ۾ وڏي هلچل آهي، عمران حڪومت نه رهندي، پي ڊي ايم آساني سان ميچ کٽي ويندي: عوام

0
283
سوال/سروي وفاقي راڄڌاني ۾ وڏي هلچل آهي، عمران حڪومت نه رهندي، پي ڊي ايم آساني سان ميچ کٽي ويندي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اپوزيشن جو حڪومت کي پهريون سرپرائيز: عمران کي وڏو جهٽڪو: شاهه زين بگٽي پاران وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڇا ٻيا اتحادي به حڪومت کي ڇڏي ويندا ؟ اپوزيشن وڌيڪ سرپرائيز ڏيندي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي راڄڌاني ۾ سياسي تبديلين وڏي ھلچل مچائي ڇڏي آھي، ميچ پي ڊي ايم آساني سان کٽي وٺندي، اعتماد ووٽ ذريعي تبديلي ايندي، رٿ جي آخري ڏينهن تي به گيم ڦري ٿي سگهي، حڪومت جو زوال نظر اچي پيو، عمران حڪومت نه رھندي، هوئن به ملهه پوئين هوندي، جيڪا بازي کٽڻ جو اعلان ڪندي آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته سرپرائيز ڪونھي اھا متوقع صورتحال ھئي ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ ھونئن به ڪير چڙھندو ان ڪري اتحادي ڇلانگ پيا لڳائين ھي ٻين جي آسري ويٺا آهن، سارنگ منير سومرو لکيو ته ھن ملڪ ۾ سياست وڏو ڪاروبار آھي جيڪو جيڏانهن نفعو ڏسندو اھو اوڏانهن وڃڻ ۾ دير ئي نه ڪندو، عبدالغفور سروهي لکيو ته هي ڪو جهٽڪو ناهي، خان جو سرپرائيز جهٽڪو هوندو، هوئن به ملهه پوئين هوندي، جيڪا بازي کٽڻ جو اعلان ڪندي آهي،

علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اسان کي حڪومت يا اپوزيشن ٻنهي مان چڱائي جو آسرو ناهي ٻئي اقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، ممتاز علي لاکو لکيو ته سرپرائيز اهو آهي ته وڃڻ وارو آهي، سينگار علي لکيو ته اسان کي ٻنهي مان آسرو ناهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عمران کٽي ويندو اپوزيشن ناڪام ٿيندي، الياس سمون لکيو ته ھي سياست ناھي جنھن تي يقين رکجي ھي بزنس آھي ھڪڙا ويندا ٻيا ايندا ، عوام جو ڪنھن کي به فڪر ناهي، منيش واسو لکيو ته اتحادي ڇڏي ويندا عمران حڪومت نه رھندي ڪي هوائي جھاز ۾ ويندا ڪي پاڻي واري جھاز ۾ ويندا ڪي وري پڄي ويا ھوندا، موهن لال لکيو ته اپوزيشن نهن چوٽي جا زور لڳائيندي ته حڪومتي ڌر جا ميمبر اپوزيشن طرف اچن ۽ حڪومت سندس ميمبرن توڙي اتحادين کي مڃرائڻ لاءِ آخري حد تائين به ويندي، خاموش خليل شر لکيو ته سڀ موٽي ايندا مند تي عمران خان گيم  جو پهريون اوور شروع ڪرڻ وارو آھي، فضل سبزوئي لکيو ته شامل ٿيڻ ۽ ڇڏڻ ھڪ ڊرامو آهي عمران خان ھجي يا اپوزيشن وارا عوام وري به مصيبت ۾ ھوندو وري به نوازشريف مان پيڙهيل غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ڪجهه اميدون آهن، رياض امر ٻجورو لکيو ته اسپيڪر پاران سستي ڪرڻ ووٽنگ مقرر ٽائيم کان دير سان ڪرائڻ جو وڏو راز ھو ايم اين ايز کي پرچائي راضي ڪرڻ، اياز علي راهوجو لکيو ته نيازي حڪومت پوري ٿيڻ واري آھي پر ان جا سرپرائيز باقي رھيل آھن اھو شايد عوام کي بيوقوف بڻائي رھيو آھي،

خادم رند لکيو ته پاڪستاني سياستدانن جي اڪثريت وٽ ڪو اصول نه رھيو آھي انڪري جنھن پاسي کان سڻائو واءُ نظر ايندو اوڏانھن رخ ڪندا. اياز چانڊيو لکيو ته حڪومت جو زوال نظر اچي پيو ايندڙ ڏينهن سندن لاءِ وڌيڪ پريشاني جو سبب بڻبا عمران کي گهرجي ته استعيفا ڏئي هليو وڃي، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته مان وري به اهو چوندس ته مرضي اقتدار ڌڻين جي آهي ھي سڀ تماشا آهن رٿ جي آخري ڏينهن تي به گيم ڦري ٿي سگهي، ذوالفقار علي مستوئي لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن عنقريب عمران حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويندو، آسودومل لوهاڻو لکيو ته اهو وڏو سرپرائيز ته هڪ اهم اتحادي ڌار ٿي ويو، عاشق حسين شر لکيو ته عمران خان جو ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ وارو فيصلو غلط ثابت ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ عمران جي سموري ٽيم ٿورڙي اسڪوري تي ڍير ٿي وئي ھي ميچ پي ڊي ايم آساني سان کٽي وٺندي، ظفر رند لکيو ته في الحال اپوزيشن مضبوط آهي، ليلا رام لکيو ته  شاھزين بگٽي به ڇڏي ويو. مطيع الرحمان لکيو ته اعتماد جي ووٽ ذريعي تبديلي ايندي،

قربان علي عالياڻي لکيو ته ڪو فرق نه پوندو، عمران ملڪ جو آخري سهارو آھي، گلزار احمد درس لکيو ته عمران خان جي سرڪار لوڏن ۾ آهي عوام سڀني مان بيزار آهي حڪومت مان به اپوزيشن مان به، جنيد زرين لکيو ته گهڻائي وڪامجي ويندا، غلام نبي بلوچ لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڇڏي وڃن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اپوزيشن جي پهچ گهٽ آھي، نعمت الله لکيو ته عمران خان ويندو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته جيئن وڏي گهر کان آرڊر پاس ٿيندا تيئن ئي ٿيندو، سنتوش ڪمار لکيو ته عمران جي ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ ڪير سوار ٿيندو، سڪندر علي لکيو ته اهو وري واپس اچي ويندو، ايم عسيٰ لنڊ لکيو ته پئسي جو ڪمال آھي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته انشاءَ الله عمـران ويندو گھر ھاڻ، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته حڪومت وارا ميلي جي آخر جيئان آهن، عيدل ڪنڀر لکيو ته شاھزين بگٽي به ڇڏي ويو. عبدالجبار چانگ لکيو ته سڀ خلائي مخلوق جو کيل آھي جنهن کي چاهي مٿي آڻي ٿي سگهي اوهان کي ياد هوندو ته جڏھن اليڪشن ٿئي پئي ته عوام عمران خان کي ووٽ نه ڏنو ۽ پوءِ به ملڪ جو وزير اعظم ٿي ويو هاڻي به خلائي مخلوق جيئن چاهيندي ائين ئي ٿيندو باقي عوام کي بيوقوف پيا ڪن روز نوان ڊراما آهن، شفقت حسين ابڙو لکيو ته وزيراعظم جو سرپرائيز ڇا هوندو؟ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي ٽوڙڻ جو اعلان ٿي سگهي ٿو؟ هن سال اليڪشن ٿيندي؟ عرفا علي ڏاهاڻي لکيو ته لڳي ٿو هاڻي عمران خان خطري ۾ پئجي ويو آهي عمران خان جي حڪومت ۾ صرف ماڻھن کي خودڪشي ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه ناھي مليو عمران خان جي حڪومت کان عوام ائين ڀلو آهي،

عاشق حسين لکيو ته بلڪل اپوزيشن وٽ کوڙ سرپرائيز آھن ، ڪجھه اڳ ۾ اپوزيشن سرپرائيز ڏيکاريا ، ڪجھه سڀاڻي ۽ ڪجھه عدم اعتمادي جي ووٽنگ دوران پيش ڪندي نظر اچن ٿا ، شازين بگٽي جي اپوزيشن کي حمايت ، وفاقي راجڌاني ۾ ھلچل مچائي ڇڏي آھي، رئوف عباسي لکيو ته شاھ زين بگٽي برساتي سياستدان آھي، تبديلي سرڪار منطقي انجام ڏانھن ويندي، عمران خان ته وڏي واڪي سنڌ کان لاتعلقي جو اظھار ڪيو ھو سنڌ کي اين  ايف  سي اوارڊ مان به کاٽ ھڻي ويو، جاويد احمد لکيو ته  حڪومت ته ڪڏهن جو ختم ٿي چڪي آهي، يوسف رئيساڻي لکيو ته منھنجي خيال ۾ ته “تو چل ۾ آيا” واري پاليسيءَ آھي اتحادي ھڪ ٻئي جي آسري ۾ آھن، بلڪل اپوزيشن وڌيڪ سرپرائيز ڏئي سگھي ٿي .پر حالتون ھن مھل ۵۰/۵۰ آھن ، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته ٿي سگهي ٿو اپوزيشن جي ٻيڙي ۾ ٻيا ميمبر سوار ٿين مگر عمران کي ڪري ڪجهه نه سگهندا. اويس سونو خان راڄپر لکيو ته عمران وٽ ڪو چانس ناهي، لطف سنڌي لکيو ته وڏو سرپرائيز اڃان باقي آهي، غلام قادر لکيو ته هاڻي نگران حڪومت اچڻ واري آهي، نماڻو نوناري لکيو ته عمران خان مضبوط آهي، احسان چانڊيو لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڇڏي وڃن.