سوال/سروي صرف ماٿيلو نه پر سڄي سنڌ ۾ پوليس جا نجي ٽارچر سيل آهن، صحافين مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: عوام

0
479

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ميرپور ماٿيلو ۾ جمعدار جي جاءِ پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٽائيم نيوز پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ 2 ڄڻن کي واڙڻ جا فٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن، نجي ٽارچر سيل جا پول پڌرا ڪرڻ تي پوليس ٽائيم نيوز جي رپورٽر تي ڏمرجي پئي، صحافي برڪت ميراڻي ۽ ٻين صحافين مٿان پوليس تشدد ڪيو، پوليس جي اهڙي عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته صرف ماٿيلو نه پر سڄي سنڌ ۾ پوليس جا نجي ٽارچر سيل قائم ٿيل آهن، اهڙي عمل ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، صحافين تي تشدد جي مذمت ڪجي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آزاد انور مهر لکيو ته ڪالهه سنڌ اسيمبلي صحافين جي تحفظ جو بل منظور ڪيو ۽ اڄ گھوٽڪي پوليس اھڙي ڪڌي ڪارروائي ڪئي. ملوث اھلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي.احسان ملاح لکيو ته ميرپور ماٿيلي ۾ پوليس جي نجي ٽارچر سيل جون خبرون هلائڻ تان ٽائيم نيوز جي رپورٽر برڪت ميراڻيءَ ۽ ٻين صحافين تي پوليس جي تشدد جي مذمت ڪجي ٿي، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته هي ته هڪڙي ٽارچر سيل جي ڳالھه آھي پر حقيقت ۾ هر پوليس اسٽيشن ۽ چوڪي جو ٻيو نالو ٽارچر سيل هوندو آهي. پوليس عملي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪورٽ معرفت سزا ڏني وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته پوليس عوام جي دشمن آهي اتي ٿاڻن بدران ٽارچر سيل آهن، سارنگ منير سومرو لکيو ته پوري سنڌ جي ٿاڻن جو اھڙو حال آھي، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته حڪومت اهڙا ٽارچر سيل بند ڪرائي ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف قدم کنيو وڃي، عارف نائچ لکيو ته صحافين مٿان تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿي ڪجي، گلاب خاصخيلي لکيو ته هر ٿاڻي تي ايئن ٿئي پيو، علي رضا لکيو ته پوءِ آئين ۽ قانون ڪهڙي ڪم جو جڏهن عوام غيرمحفوظ هجي، محافظ ئي ظلم پيا ڪن، رفيق ٿهيم لکيو ته پوليس به ڌاڙيل بڻيل آهي، نماڻو نوناري لکيو ته سڄي سنڌ ۾ پوليس وارن جا ٽارچر سيل آهن، وري صحافي ميدان تي هوندا آهن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته هر ضلعي ۾ ٽارچر سيل آهن بيگناهن سان ظلم ڪيو ويندو آهي، محمد علي سومرو لکيو ته ‎پوليس رڳو صحافين تي ٿي طاقت ڏيکاري ڪچي جي ڌاڙيلن اڳيان بلڪل ناڪام آهي، فدا حسين بلوچ لکيو ته پوليس هميشه ئي غريبن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، اسد لغاري لکيو ته گهوٽڪي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز پنهنجا پنهنجا نجي ٽارچر سيل قائم ڪري رکيا آهن ،پوليس جو اصل چهرو بي نقاب ٿيڻ تي پوليس صحافين مٿان تشدد ڪيو، آدم پتافي لکيو ته نجي ٽارچر سيل ۾ انسانيت سوز تشدد ڪرڻ واري پوليس جي ڪرتوتن کي وائکو ڪندڙ ٽائيم نيوز جي صحافي برڪت ميراڻي ۽ ٻين صحافين کي جس هجي، هزار خان لکيو ته صحافين مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، آفتاب لغاري لکيو ته پوليس جي اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، عالم پالاري لکيو ته سڄي سنڌ ۾ ٿاڻن تي ٽارچر سيل قائم ٿيل آھن، پوليس جي صحافين مٿان تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ثناءُالله چنا لکيو ته پوليس عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، جبار لغاري لکيو ته اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، عاشق حسين لکيو ته پوليس جا ٽارچر سيل ختم ڪيا وڃن، شفقت جروار لکيو ته پوليس گردي غلط عمل آهي صحافين کي فوري انصاف ڏياريو وڃي، عبدالغني کوسو لکيو ته بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ٽارچر سيل ۾ قيد ڪرڻ ۽ ماڻهن کان لکين روپيا رشوت وٺي وري آزاد ڪرڻ ھڪڙي قسم جو پوليس پاران ڌنڌو شروع ڪيو ويو آهي، آفتاب ڪيريو، سردار عبدالعزيز، ممتاز علي مهر، ڪاشف حسين ڪنڀر، راشد لطيف، دلدار خاصخيلي به پوليس جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، محمد علي مشوري، عبدالرحمان چانگ، بشير ميراڻي، مهدي حسن سومرو، جنيد زرين جمالي، ايم عشرت بروهي، شبير کوکر، ذاڪر احمد، مجيد مهر، ممتاز سميجو پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، سڪندر علي، ڪاشف علي، سڪندر بلوچ، شفيق کوسو صحافين مٿان پوليس تشدد جي مذمت ڪئي، يونس بلوچ، دليپ ڪمار، محمد بلاول، عبدالحڪيم سهتو، ڄام اصغر، جي ايم مگسي، بشير رضا مهر به پوليس جي عمل مذمت ڪئي.