کيرٿر جبل جون هرڻيون!‎
واهي پانڌي کان اولھ ڏکڻ طرف کيرٿر جبل هرڻيون مشهور آهن، هي خطو دنيا ۾ جھنگلي جيوت بابت وڏي ۾ وڏي پناھ گاھ طور مشهور آهي، کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ موجود جاندارن جي رھڻي گھڻي جو پڪو ثبوت آھي، جنھن به علائقي ۾ جيڪڏھن جھنگلي جيوت کي محفوظ ڪبو ته ھو تحفظ ۾ رھڻ سان گڏ آرام سان قدرتي ماحول ۾ پنھنجي واڌ ويجھو ڪندو آهي، جھنگلي جيوت کاتي ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي انتظاميا جي دعويٰ آھي ته سندن  اداري جي تحفظ ۾ ھزارين ھرڻ، سرھ، گڍ، جھنگلي ٻلا، چراخ، بگھڙ، سھا، تتر، سيسو، ٻٽير وغيره موجود آھن، جن کي سرڪاري طور تي پناھ ۾ ورتو ويو آھي ۽ ان سان گڏ سرڪاري طور تي مقامي ماڻھن کي روزگار پڻ ڏنو ويو آھي، ان سلسلي ۾ مون وائيلڊ لائيف کاتي سنڌ جي وزير توڙي کاتي جي بالا عملدارن کي ڪاڇي جي کيرٿر وارن ڪجھ علائقن کي جھنگلي جيوت کي تحفظ ڏيارڻ واسطي گيم سينچري طور تسليم ڪرائڻ واسطي رابطي ڪاري وارو مرحلو شروع ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ اھا ئي اميد اٿم ته جتي منھنجي وس ۽ وت ۾ جابلو پٽي جا مقامي رھواسي چڱا ڀلا سردار ۽ مانائتا ماڻھو رابطي ۾ آھن، انھن جي گڏيل صلاح سان سندن ئي علائقن اندر جانورن کي تحفظ ڏيارڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن، ان ڪم ۾ اميد آهي ته تمام سٺي موٽ ملندي، سڀئي ساڃاھ وند دوست ھن ڪم ۾ منھنجي اخلاقي مدد ڪرڻ جي عنايت ڪندا، جيئن ڪاڇي ۽ کيرٿر جي سونھن محفوظ رھي سگھي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ٽنڊو مير علي واري روڊ جي به سار لهو!
جيئن ته ٽنڊو مير علي ويندڙ رستو جيڪو ڪافي سالن کان ٽٽل آهي، ان جي اهڙي ته حالت ٿي وئي آهي جو روڊ تي گاڏي هلائڻ به محال آهي، روڊ ۾ کڏا ۽ وڏا وڏا ڏار پئجي ويا آهن، ان رستي تان اچ وڃ دوران ڪيترائي ئي حادثا ٿيا آهن، ڪيترائي اسڪولي ٻار آهن جيڪي اسڪول وڃن ٿا انهن کي گاڏي هلائڻ دوران ڪافي ڏکيائون پيش اچن ٿيون، ڪڏهن ڪنهن سان ڪا ايمرجنسي هوندي آهي ته ماڻهو روڊ خراب هجڻ ڪري ڪافي ڏکيائين ۾ پئجي ٿو وڃي، مريض بروقت ڊاڪٽر وٽ پهچي نٿا سگھن يا وري ڪنهن کي ڪو ڪم آهي ته به وقت تي آفيسن ۾ نٿا پهچي سگھن، هڪ ته ان روڊ سان فصل آهن، جن جي ڪري روز ڏينهن توڙي رات جو ڦر جا معاملا ٿيندا رهن ٿا، هن روڊ جي مرمت لاءِ اڳوڻي ايم اين اي پير صدر الدين شاھ ڪافي ڀيرا ڪوڙا واعدا ۽ اعلان ڪيا ۽ ان وقت جو ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فياض حسين جتوئي اسڪول جي پروگرام ۾ ان روڊ جي مرمت جو اعلان ڪيو پڻ ڪيو هو پر اڃا ان ڳالهه تي تي عمل ناهي ٿيو، ڇو ته چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ بيحسي جي ڪري عوام سورن ۽ آزارن ۾ آهي. ان روڊ لاءِ جيڪا به بجيٽ منظور ٿي ٿئي اها ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪئي ٿي وڃي. ان روڊ جي مرمت لاءِ عوام ڪافي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيو آهي ۽ مرمت جا ٺلها آسرا ڏنا ويا پر عمل اڄ تائين ناهي ٿيو، هتان جي عوام جو حق آهي ته ان روڊ کين مرمت ڪرائي ڏني وڃي ڇو ته هو نمائندن کي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ پهچائين ٿا پر افسوس هتان جا ايم پي اي يا ايم اين اي اسيمبلين ۾ پنهنجي تڪ جي ترقياتي ڪمن لاءَ آواز ئي نٿا اٿارين. عوام هنن کي اسيمبيلن ۾ ان لاءِ ته ناهي موڪليو ته هو اتي ماٺ ڪري وڃي ويهي رهن، ان لاءِ هتي جي عوام وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ هتان جي ايم اين اي، ايم پي اي، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين عملدارن کي اپيل ٿو ڪري ته جلد ٽنڊو مير علي روڊ جي مرمت ڪرائي هتان جي عوام مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.
فقير نور محمد شر/ ٺري ميرواھ
ھڪ بلن جو بار ۽ ٻيو لوڊشيڊنگ جو آزار!
سنڌ تي نظر ڪبي ته واپڊا جي ظلم جون دانھون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، تعلقي سڪرنڊ جي يوسي حسن جمالي يوسي کڏهر واسي ھر وقت تڪليفن جو شڪار آھن، غريب طبقو گھاڻي ۾ پيڙھجي رهيو آهي، حيسڪو نوابشاهه ڊيويزن 2 منو آباد کڏهر فيڊر جا وڏا ڳرا بلن جا ھر مھيني موڪلي رهي آهي، قهر جي گرميءَ ۾ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، لائين مينن جي بار بار تنگ ڪرڻ سبب هو ذھني دٻاءَ جو شڪار آهن واپڊا جا ملازم ھر وقت مسڪينن جو رت پيئڻ ۾ پورا آھن. حيرت جھڙي اها ته يوسي حسن جمالي ۽ کڏهر جي  ڳوٺن ۽ ننڍن وڏن اسٽاپن تي تقريبن ٻه کان ٽي ملازم مقرر آھن، جيڪي ڳوٺن ۽ اسٽاپن تان اوڳاڙي ڪن ٿا ۽ پئسا نه ڏيڻ جي تي بجلي ڪٽي وڃن ٿا، في گهر توڙي اسٽاپن تي دڪاندار کان 500 کان 1000 رپيا رشوت وٺي بجلي ڏين ٿا ته سوين ڳوٺن مان ٻن کان ٽي ملازم ڪيتري اوڳاڙي ڪندا هوندا؟ ٽرانسفارمر سڙي ته سورن سان سوا مھيني کان پوءِ به اوڳاڙي تي ڏاڍو ڏکيو ٿو ٺھي، تارون ايتريون ته ڪمزور ۽ ڍليون آھن جو بس خدا جي رحم تي پيون ھلن، ڪجهه ڏينهن اڳ انڌاريءَ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجليءَ جا پول ڪري پيا، جنهن ڪري ڳوٺاڻا عذاب ۾ آهن، ور اسٽاپ لڳ ڳوٺ ڪيهر خان جمالي، الله رکيو جمالي، الله داد جمالي، جمال دين جمالي جي ڳوٺاڻن موجب اسان جي ڳوٺ ڏي ايندڙ لائين جا پول طوفان سبب ڪري پيا، جنهن سبب تارون روڊ تي پيل آهن، ڪنهن وقت به جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. اسان واپڊا وارن کي اطلاع ڪيو پر ڪير لڙي ناهي آيو، چون ٿا ته اسان کان پئسا ڏيو، انڪار تي اسان وٽ واپڊا جو عملو ناهي پهتو.
رياض زرداري/ وراسٽاپ نوابشاهه
سائنس ڇا آھي؟ ڏينهون ڏينهن ڇو وڌي رھي آھي؟‎
سائنس کي جيڪڏھن عام لفظن ۾ ڏسجي ته “سائنس” مطلب ڄاڻ آهي، سوال اٿي ٿو ته ڇا جي ڄاڻ؟ سائنس قدرت جو خاص مطالعو ڪري ٿي ۽ اھا اسان جي ماحول کي اثرانداز ٿئي ٿي، ٻين لفظن ۾ منظر جو مشاھدو ته سڃاڻپ، وضاحت، تجربو، تحقيق، نظرياتي تشريح کي سائنس چئبو آهي، اھا سائنس جي عام معنيٰ آهي پر سائنس کي گھري معني سان ڏسنداسين ته سائنس اربين کربين سال اڳ جڏهن انسان ارتقا ۾ آيو ته انسان پنھنجي جياپي لاءِ زندہ رھڻ لاءِ سوچيو ۽ پنھنجي خوراڪ جي ڳولا ڪئي ته جيئن جسم کي سڪون اچي ۽ بيچيني ختم ٿئي، پوءِ ان انسان مان انسانذات جي ارتقا وڌڻ لڳي. انسان پنھنجي خوراڪ لاءِ جھنگن، جبلن ۾ پنھنجي خوراڪ ڳوليندو کائيندو ۽ پيئندو رھيو، اصل معنيٰ ۾ اسين ان کي به سائنس چئي سگھون ٿا. انسان ڪيترن ئي بيمارين وٺجي وڃي ٿو، انھن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ھزارين سالن کان وٺي سائنس ڪوشش ڪري رھي آھي، ان ڪري بائلاجيڪل سائنس تي به غور ڪيو وڃي ٿو ھا ٻي ڳالهه سائنس جي ترقي“ تجربا ۽ ايجادن” ۾ به ڪجھ نقصان آھن، جيئن ڪنھن غلط مفروضي جا تجربا ڪيا وڃن ته ان جا به ڪيترائي نقصان ٿين ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي نقصان سائنس ۾ پيش اچن ٿا جيئن فيول ۽ آئن جو سڙڻ جو خراب دونھون ماحول کي گندو ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون ۽ جيئن گاڏين جو دونھون ۽ اھا سڀ اوزون کي نقصان پهچائي ٿي، اھو تهه اسان کي سج جي تيز ڪرڻن کان بچائي ٿو ۽ اھو دونھين جي ڪري ختم ٿي رھي آھي ۽ ٻين ڪيترين ئي طريقن سان مسئلا پيش اچن ٿا پر انھن ھوندي به سائنس اسان کي 100 مان 95 سيڪڙو فائدو ڏئي ٿي. سو سائنس اسان لاءِ تمام بھترين عمل آهي، انسان پنھنجي وجود لاءِ ھميشه جاکوڙ ڪندو رھندو، پوري انسانذات کي سائنس ٽيڪنالاجي تي نظر وجهڻ گھرجي.
راجا خان چانڊيو/ گاجي کهاوڙ
ڌاڙيلن کي پوليس پروٽوڪول جي اصل ڪھاڻي!‎
تاريخ شاهد آھي ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن ۾ ھزارين انساني جانيون ضايع ٿيون آھن، ڪيترائي ويڙھا ويران ٿي ويا آھن، ڪئين ونين جا ور کسجي چڪا آھن، ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي چڪيون ۽ خبر ناھي ته اڃا ڪيترو جاني نقصان ٿيندو ۽ قبيلائي تڪرار ڪٿي دنگ ڪندا. جيڪڏهن قبيلائي تڪرارن کي ڏسجي ته اھي لاقانونيت جو عڪس آھن، پوليس جي لاپرواهي سميت سياسي مداخلت به تڪرارن جو بنيادي سبب آهن. ڪجهه ڏينھن اڳ چاچڙ، سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي پراڻي تڪرار تان ھڪ ئي خاندان جا ڏھ فرد قتل ڪيا ويا، واقعي تي عوام سنڌ پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ بعد ۾ سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪيو جنھن ۾ ناقص حڪمت عملي سبب کين شڪست ملي ۽ 3 جوان شھيد ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا. پوليس جا جوان جيڪي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد يا زخمي ٿيا اھي اي پي سي ۾ سوار ھئا، اي پي سي ڪنھن به آپريشن يا مقابلي ۾ سڀني کان اڳيان ھوندي آھي، ڌاڙيلن اي پي سي تي راڪيٽ لانچر فائر ڪري قبضو ڪيو ۽ پوليس جا شھيد جوان ۽ زخمي اھلڪار ان اي پي سي ۾ ڦاٿل رهيا جيڪا ڌاڙيلن پنھنجي قبضي ھئي. منھنجي خيال ۾ ته پوليس ڌاڙيلن سان ڪمپرومائز ڪيو ھوندو ته اي پي سي ۾ ڦاٿل زخمي اھلڪار ۽ شھيدن جا مڙھ پوليس حوالي ڪيا وڃن، ٿي سگهي ٿو ڪنھن سياسي ڀوتار ان ٽياڪڙيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھجي ۽ ڌاڙيلن ڏانهن ھڪ پوليس موبائيل زخمي اھلڪارن ۽ شھيدن جا مڙھ کڻڻ لاءِ موڪلي وئي ھجي، ان وقت اڳيان ڌاڙيل موٽر سائيڪل تي ويندا ھجن ۽ پويان پوليس موبائيل ويندي ھجي ۽ جيڪا پوليس پروٽوڪول جي وڊيو وائرل ٿي آھي سا ڌاڙيلن ان وقت رڪارڊ ڪئي ھوندي.
حاڪم علي چانڊيو/دادو
پنھنجي رت ۾ رَيٽو جھنڊو، اڀ تائين جھولندو رھندو!‎
سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪندڙن جي خلاف ڪيترن ئي ڏينھن کان نه فقط اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي سنڌ جي شعور جو مزاحمتي احتجاج ھلندڙ آھي پر بحريا ٽائون جي مسئلي تي سنڌ جي قومپرستن، اديبن، ساڃاهه وندن، ليکڪن، دانشورن مطلب ته ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ ۾ ڪمائيندڙ ۽ سنڌ جو کائيندڙ زندگي جي ھر شعبي سان سلھاڙيل ماڻھن پاران سنڌ تي حملو سمجھيو پيو وڃي، وري نيب پاران سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻين ضلعن جا ماڻھو ڪراچي، حيدآباد ۾ جيڪي ملازمت ڪن پيا انھن جو تفصيل پڻ گھريو ويو ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين بڻجي ويو آھي، جيڪو سنڌ جي شعور پاران بحريا ٽائون تان ڌيان ھٽائڻ جي سازش سمجھي پئي وڃي. بھرحال سنڌ جي قومي پارٽين پاران سنڌ جي زمينن کي بچائڻ لاءِ 6 جون تي ڪراچي ۾ بحريا ٽائون جي مک دروازي تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آھي جيڪو سٺو عمل آھي پر ھن مسئلي تي سڄي سنڌ جيان خاص ڪري ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌ واسين کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ گھرجي، بنا ڪنھن ذات ڪڙم قبيلي جي صرف اھي سمجھي ته اسان سنڌي آھيون يقينن 6 جون تي جڏھن سڀ سنڌ واسي متحد ٿي ھرڻي واري ڇال ھڻي ميدان تي لھندا ۽ قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا اھو 6 جون وارو اھو ھڪڙو ڏينھن سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ نه فقط پر سندن لاءِ وڏو چئلينج ھوندو جيڪو نه صرف بحريا ٽائون جي زمين کي بچائڻ لاءِ وڏو تحرڪ ھوندو پر ايئن چئجي ته اھو ھڪ وڏو انقلاب ھوندو. بقول “شيخ اياز” جي، ”پنھنجي رت ۾ رنگي ريٽو جھنڊو، اڀ تائين جھولندو رھندو، اھڙو ڏينھن به ايندو، ھا ساٿي! اھڙو ڏينھن به ايندو.
رياض امر ٻجورو/سجاول
يوسي فتحپور ۾ ڪلارڪ مقرر ڪريو!‎
ضلعي شھيد بينظيرآباد جي تعلقي سڪرنڊ جي اسان جي يونين ڪانوئسل 15 فتحپور ۾ گذريل 5 سالن کان يوسي فتعپور ۾ ڪلارڪ مقرر نه ٿيو آھي، جنھن جي ڪري اسان جي يونين ڪانوئسل جا رھواسين کي برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽس جي لاءِ سڪرنڊ وڃڻو ٿو پوي، جيڪو مختلف يونين ڪائونسل جا سرٽيفڪيٽ ٺاھيندو آھي، ٻه ڏينھن پنڌ ڪندي مس وڃي سرٽيفڪيٽ ٺھي ملندا آھن، ٻھراڙي جا غريب مزدور رھواسي جيڪي مزدوري ڪرڻ وارن چار سو ڏھاڙي ڪمائيندڙ برٿ سرٽيفڪيٽ يا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ لاءِ ٻه ڏينھن مزدوري سيڙائي وڃي ٿو، جيڪو ھڪ سرٽيفڪيٽ لاءِ مزدوري سميت 1500 کان 2000 خرچ اچي ٿو، جيڪو ڪنهن غريب کان برداشت نٿو ٿئي، يوسي ۾ ھر مھيني فنڊ ملن ٿا، انھن مان سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ لاءِ پرائيويٽ ملازم به نٿا رکي سگھن، ان کان سواءِ يونين ڪانوسل سان لاڳاپيل سمورا مسئلا متاثر ٿي رھيا آھن، برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلا شامل آھن، ھتان جي رھواسين بلدياتي وزير، سنڌ جي وڏي وزير ۽ واسطيدار اختيارين کان پر زور مطالبو ڪيو آھي ته جلد يونين ڪائونسل فتحپور ۾ يوسي ڪلارڪ مقرر ڪري ڳوٺاڻن کي ڏکيائين ۽ مونجھارن کان نجات ڏياري وڃي.
منظور علي زرداري/ڳوٺ گھنڊيا

ھڪ چٺي وزير اعليٰ سنڌ جي نانءُ!
جناب اعليٰ سنڌ جي تعليم اڳ ۾ ئي تباھ آهي پر جڏهن کان ڪورونا جو اشو پيدا ٿيو آهي، تڏهن کان سنڌ ۾ تعليم ٺپ ٿي وئي آهي، تعليمي ادارا مسلسل بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڏا وڏا جلسا ٿين پيا، احتجاج ٿين پيا، ميلا، ملاکڙا جاري آهن، باقي ڪورونا صرف تعليمي ادارن تي حملا آور ٿي آهي، عجيب ڳالهه ته اها آهي جو تعليمي ادارا ٻارن جي لاءِ ته بند آهن پر ساڳين ادارن ۾ احساس پروگرام جا سينٽر هلي رهيا آهن، جن ۾ هزارين عورتون گڏ ٿين ٿيون انهن کي ڪورونا جو ڪو به ڊپ ناهي، خدارا سنڌ جي معصوم ٻارڙن ۽ سنڌ جي مستقبل سان نه کيڏو، ڀلي اوھان ايس او پيز تي عمل ڪرايو يا شفٽن ۾ ڪلاس هلرايو پر تعليمي ادارا کوليو. آن لائين پڙھائڻ جو رينگٽ بند ڪريو، جن ٻارن وٽ ڪتاب ۽ ڪاپين جا پئسا نه آهن اهي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ڪٿان آڻيندا. جناب اعليٰ سنڌ معاشي طور اڳ ۾ ئي تباھ آهي وڌيڪ ان جي تعليم تباهه نه ڪريو نه ته تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
عبدالڪريم هالو/ ٻيلو، سجاول
سنڌ جي تعليم بچايو!
آفت ڀلي ڇو نه جبل جيڏي وڏي ھجي پر وقت سر بھترين حڪمت عملي جوڙي ان جي نقصانن کي گھٽائي سگھجي ٿو، پاڪستان پھريان ئي ھزارين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر تعليم جي ميدان ۾ به پٺ تي پيل آھي. ڪورونا کي ايندي سال ٻه کن ٿيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻھو بيروزگار ٿي ويا آهن، ھن موتمار بيماريءِ جو علاج ھاڻي ويڪسين جي شڪل ۾ آيو آھي ۽ اميد آھي ته سڄو ملڪ ھن موتمار بيماريءَ مان آزاد ٿي ويندو پر تعليم کي جاري رکڻ به تمام گھڻو ضروري آهي، ڇو جو اھا تعليم ئي ھئي جنھن ھن لاعلاج ۽ موتمار بيماريءَ جي انت آڻڻ جو سبب بڻي آھي. ياد رھي ته تعليم بنا اسان ڪجھ به ناھيون، دنيا جون قومون سخت کان سخت ڏکائين ۾ به تعليم جاري رکي اڄ ڪامياب ٿيون آھن، اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد ايس او پيز تي عمل ڪندي سمورا تعليمي ادارا 7 جون تي کولين ته جيئن ملڪ جو مستقبل تباهه ٿيڻ کا بچي سگھي.
مھدي حسن سومرو/ ڪوٽڙي
شاھه عبدللطيف يونيورسٽي جا مسئلا حل ڪيو‎
` جيئن ته شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۾ وڏي وقت کان شاگردن جا مسئلا حل نه پيا ٿين، نه ئي شاگردن کي پنھنجا جائز حق پيا ملن، جڏهن به شاگردن پنهنجن حقن جي گهر ڪئي آهي ته شاگردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين گرفتار ڪرايو ويو آهي ۽ ھميشه شاگرد دشمن پاليسون جوڙيون ويون آهن اسان ڪرپٽ انتظاميان کي سومر تائين جي مھلت ڏيون ٿا جي انھن شاگردن جا مسئلا حل نه ڪيا ته تاريخي ڌرڻو لڳايو ويندو، 2018ڳ ۾ ھيڪ طرفان آيل شاگردن جا 210 چيڪ شاگردن کي ڏنا وڃن، هڪ غريب شاگرد ثاقب جاويد عباسي جي ايڊميشن ڊي فارميسي مان خارج ڪري ان جي جاءِ تي پنهنجي من پسند شاگرد کي ڏني وئي آهي، ان غريب شاگرد سان انصاف ڪيو وڃي، شاگردن کي آل پاڪستان ٽوئر ڪيترن سالن کان ناھي ڏنو ويو، ٽرانسپورٽ جو نظام تباھ ٿيل آهي، ھاسٽلن تي وڌايل فيس گهٽائي وڃي، سالياني فيس گهٽائي وڃي، ڊگري فيس مارڪس سرٽيفڪيٽ فيس گهٽائي وڃي، شاگرد دشمن رجسٽرار ھٽائي ۽ ان جيڪا ڪرپشن ڪئي آهي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پروفيسرن کي جيڪي ڊبل چارجز ڏنيون ويون آهن اھي واپس ورتيون وڃن جيئن ھو شاگردن جي تعليم تي ڌيان ڏين. ھن سال ايڊميشن جون سيٽون من پسند ماڻهن کي ۽ يونين ۽ اسپورٽس وارن کي ڪيئن ڏنيون ويون آهن، ھاسٽلن جو تباھ ٿيل نظام بھتر بڻايو وڃي، لائبريري ۾ ڪتابن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگردن سان ھلندا پيا اچن اھي حل ڪيا وڃن. ھاڻي شاگردن کي ھڪ آواز ٿي پنھنجي يونيورسٽي جي مالڪي ڪرڻي پوندي.
ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھ’
ڪراچي جا مسئلا!
علائقي ۽ آبادي جي لحاظ کان ڪراچي پاڪستان جو وڏو شهر آهي، ڪنهن وقت، اهو پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ هو پر هاڻ اهو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، هن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي، مختلف ملڪن جا ماڻهو هتي رهن ٿا، تنهن ڪري اهو هڪ بين الاقوامي شهر بڻجي چڪو آهي، نتيجي طور ڪراچي اصل ۾ پريشانين جو شهر بڻجي ويو آهي ۽ اهي مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ضرورت ان جي آهي ته لاڳاپيل اختياريون ان جي مسئلن تي فوري ڌيان ڏين، شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو بنيادي جز بسين جو آهي پر اهي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حيثيت ۾ ناهن، اڪثر بسون ٺيڪ حالت ۾ ناهن، بس جا ڪرايا پڻ ماڻهن جي وس کان ٻاهر ٿي ويا آهن، بس عام طور تي وزن هوندو آهن بس هلائيندڙن ۽ ڊرائيورن جو طريقو به انتهائي جاهلاڻو ۽ جارحاڻو آهي، ان جي ڪري ڪراچي شهر پڻ ٽريفڪ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڏي انگ ۾ گاڏيون شهر جي روڊن تي هلن ٿيون، عام طور تي اسان جا ماڻهو ٽريفڪ جا قاعدا نٿا مڃين، لاپرواهي واري رستي تي هلڻ، اوچتو رستو ڏيڻ ۽ غلط رستي تي هلڻ تمام عام آهن، نتيجي ۾ هن شهر ۾ روڊ حادثا تمام عام آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون زيان ٿين ٿيون. ٻيو مسئلو تعليم جو آهي، هتي سرڪاري اسڪول ۽ خانگي اسڪول آهن، گورنمنٽ اسڪول نه فيس ٿا وٺن پر اهي اڪثر اردو ميڊيم آهن، اسڪول ۽ انھن جا معيار تمام گھٽ آھن، تقريبن سڀئي پرائيويٽ اسڪول انگلش ميڊيم آهن ۽ اهي تمام گهڻي فيس چارج ڪندا آهن پر انهن جون خدمتون به تسلي بخش ناهن، گڏيل طور اسان جي شهر ۾ تعليم تمام مهانگي ٿي چڪي آهي، پاڻي ۽ بجلي ۽ رهائشي مسئلا پڻ تمام گھڻا آهن، اهي مسئلا اڃا تائين حل ناهن ٿيا، ٽريفڪ جون ڏکيائين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي پر ڪا اميد ناهي ته اهي مسئلا ويجهي مستقبل ۾ حل ٿي سگهندا.
حسن شاھد/ سنڌ مدرسة الااسلام يونيورسٽي، ڪراچي
اورنگي ٽائون سيڪٽر 12 ايل جو مين روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو!
هونئن ته سمورو ڪراچي مسلستان بڻيل آهي پر ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 12 ايل جي مين روڊ ۽ علائقي جون گھٽون گذريل هڪ سال کان ٺاهڻ جي لاءِ مشينن وسيلي اکيڙيو ويو هو پر هن وقت تائين ان روڊ ۽ گھٽين جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ۽ ان روڊ سان گذرندڙ ماڻهن کي ڪيترين ئي تڪليفن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. روڊ جي مرمت لاءِ ان کي اورنگي 12 ايل کان وٺي اورنگي مين 13 نمبر جي اسٽاپ تائين روڊ اکڙيل ۽ اڊريل آهي پر سال سوا گذرڻ باوجود ان روڊ جو ڪم نٿو ڪيو وڃي، ڪراچيءَ جي بلدياتي نظام جي موجودگيءَ ۾ ان روڊ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو پر جيئن کي بلدياتي نظام جو مدو ختم ٿيو ته اورنگي ٽائون سيڪٽر 12 ايل جو روڊ ۽ گھٽيون گذريل سوا سال کان اکڙيل ئي آهي. علائقي واسين پاران اهڙي ويڌن ۽ وڏي انتظار کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اورنگي ٽائون مان چونڊيل ايم پي اي علي خورشيدي سان رابطو ڪري کيس ٻڌايو ويو ته هي روڊ ۽ هن سان لاڳاپيل گھٽين جي حالت تمام خراب آهي روڊ ۽ علائقي جي گھٽين کي مشين سان اکيڙيو ۽ اڊيڙيو ته ويو آهي پر انهن جو ڪم مڪمل نٿو ٿئي، جنهن تي علي خورشيدي اسان علائقي واسين کي جواب ڏنو ته اسان وٽ جيڪي ڪاغذ پهتا انهن موجب هي روڊ ۽ هن علائقي جون اکڙيل گھٽيون ٺهي چڪيون آهن. اسان اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 12 ايل جي رهواسين جو سنڌ جي وڏي وزير، وزير بلديات ۽ ٻين وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته اسان جي علائقي جي مين روڊ ۽ علائقي جي گھٽين جو ڪم مڪمل ڪرائي اسان جي هن آزار مان جان آجي ڪرائي وڃي.
شاهمير راجپوت/ ارونگي ٽائون ڪراچي