اشو آف دي ڊي ايڏا معاشي ماهر آهيو ته پوءِ اوهان کي ڪڍيو ڇو ويو؟ اسد عمر جي دعوائن تي عوام جو ردعمل

0
368

اسد عمر پاران معاشي بهتري جي دعويٰ ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد شروع ٿي وئي، جڏهن ته اسد عمر کيس سندس ڀاءُ نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير به جواب ڏنو، اسد عمر ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهي جيڪي پڇي رهيا آهن ته اوچتو معيشت جي رفتار ڪيئن تيز ٿي وئي انهن جي خدمت ۾ 3 اپريل 2019ع جي منهنجي هي وڊيو ڪلپ آهي، ان وقت ٻڌايو هو ته 2 سال لڳندا، پهرين ڏينهن کان عمران حڪومت جي واضح حڪمت عملي آهي، معيشت کي ڊگهي مدي لاءِ ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي، فوري مقبوليت جا فيصلا ناهن ڪرڻا. جنهن تي جهان محمد لکيو ته پوءِ عوام خوشحال ڇو نه ٿي رهيو آهي؟ عاصم علي رانا لکيو ته اسد عمر لڳي ٿو ته هي سڀ شوڪت عزيز دور جي دور وانگر هڪ ببل آهي جنهن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ملڪ اندر موجود ماڻهن کي ريئل اسٽيٽ سميت هر هنڌ ترقي ڏيکاري پئسو لڳائڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ پوءِ سڀ اوچتو غائب، منفي 4 کان ٻن هفتن ۾ 3.94 سيڪڙو ؟ منير ڪولاچي لکيو ته اسد عمر سچ پيو چوي، سردار زاده مبارڪون ڏنيون، واحد علي لکيو ته گروٿ ريٽ 3.94 سيڪڙو سان اتفاق ڪريون ٿا ته پوءِ ايندڙ مالي سال لاءِ 5.5 سيڪڙو گروٿ ريٽ ڇو نٿا رکو؟ هڪ صارف تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ڪيترن ئي نوجوانن خودڪشيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اوهان خوشحالي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو،عوام کان پڇيو ته انهن جي ڪهڙي حالت آهي، محسن عباسي لکيو ته اوهان جو تجزيو درست هو ته پوءِ اوهان کي ڪڍيو ڇو ويو؟ اوهان درست هئا ته حفيظ شيخ بعد شوڪت ترين کي ڇو آندو ويو؟ ملڪ لکيو ته جيڪڏهن هن کي نه ڪڍن ها ته پوءِ اين سي او سي جي سربراهي ڪير ڪري ها، هن ئي پاڪستانين کي ڪووڊ کان بچايو آهي، جي ڪي نالي آءِ ڊي تان لکيو ويو ته پوري پاڪستان ۾ مينيوفيڪچرنگ، امپورٽ، رٽيل بزنس هيٺ ۽ مهانگائي مٿي وڃي رهي آهي. فرخ زمان ڀٽو لکيو ته عوام کي دوکو نه ڏيو، اوهان جعلسازن کان زمانو واقف آهي، ٻڌايو ته مهانگائي ڇو گهٽ نه ٿي رهي آهي؟ روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسيو ويو؟ ڪاروبار ڇو تباهه ٿي رهيا آهن؟ جمشيد حسن لکيو ته اوهان جي معيشت تي ايڏي مهارت هئي ته پوءِ اوهان کي ڪڍيو ڇو ويو؟ اسد عمر کي جواب ڏيندي وڏي ڀاءُ محمد زبير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پهرين ڳالهه ته معيشت تباهه حال آهي، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن 50 لک ماڻهو روزگار کان محروم ٿي ويا آهن، اوهان جي ڳالهه مڃي به وٺجي ته مسئلو اوهان جي ڪپتان جو آهي جنهن اوهان کي ان ئي مهيني تبديل ڪري ڇڏيو.