سوات (م ڊ) سوات ۾ريمورٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو، امن ڪاميٽي جي ميمبر ادريس خان سوڌو 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، سوات جي ڪبل واري علائقي برهه بانڊئي ڪوٽڪي ۾ ريمورٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو. ڊي پي او زاهد مروت موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ ۾ امن ڪاميٽي جي ميمبر ادريس خان سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن، شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو ريمورٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.