لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) بحيثيت پاڪستاني قوم جي اسان هن ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اسان کي اميد آهي ته اسان هن ڏکي صورتحال مان جلد نڪري وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور لغاري پنهنجي آفيس ۾ يو اين او جي وفد، ايگريڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ اداري جي آفيسرن سان گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ادارن جا آفيسر ۽ خاص طور تي لائيو اسٽاڪ ۽ ايگريڪلچر جا آفيسر صحيح ڊيٽا ترتيب ڏيو ته جيئن نقصان جو پتو لڳائي سگھجي. زراعت سان وابسطه ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته 2010ع جي ٻوڏ کان وڌيڪ هن وقت نقصان ٿيو آهي. گڏجاڻي دوران اقوام متحده جي لائيو اسٽاڪ بابت فوڪل پرسن ميڊم فلورنس رولي ڳالهائيندي چيو ته توهان کي بهتر کان بهتر پلاننگ ڪرڻ گھرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙي صورتحال کان بچي سگھجي. هن وڌيڪ چيو ته اسين ڄاڻون ٿا اوهان جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو اهو صحيح آهي پر ان لاءِ اڃا به بهتر ڪم جي ضرورت آهي ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ توهان کي صحيح ڊيٽا ترتيب ڏيڻ گھرجي ته جيئن صحيح ڪم ٿي سگھي.