ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪي ۽ ماوي جي تياري توڙي وڪري بابت آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خلاف داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ تي درخواست گذار کي جواب مٿان جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي گٽڪي ۽ ماوي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گٽڪي ۽ ماوي جي تياري توڙي وڪري خلاف سخت ايڪشن کڻي رهيا آهيون، رڳو 2021ع ۾ 1150 ڪيس داخل ڪري 2 هزار 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته 34 هزار 101 ڪلو گرام گٽڪو ۽ مائو ضبط ڪيو ويو.