ٿي، ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينه مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا. ان ڏس ۾ ڪورنگي جي چمڙا چورنگي وٽ مبينه پوليس مقابلو ٿيو، پوليس موجب ھٿياربند ڦورن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنھن بعد ٻن ھٿياربندن مصطفي ولد غلام حسين ۽ حيدر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنھي جوابدارن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان ھٿيار ۽ موبائل فون ھٿ ڪيا ويا