اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مقرري جي انتظار ۾ ويٺل پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جي گريڊ 22 جي آفيسر نديم ارشاد ڪياني کي پرنٽنگ ڪارپوريشن پاڪستان جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نديم ارشاد ڪياني اسٽيبلشمينٽ ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل هو، جنهن کان پوءِ ڪالهه سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.