سنڌ ۾ متبادل جو سوال ۽ مخصوص پروپيگنڊا

0
179
پوليس،-ڌاڙيل-۽-ڀوتار-وارو-ختم-نه-ٿيندڙ

 ڪنهن به سماج ۾ سياسي حوالي سان جڏهن يڪسانيت پيدا ٿيندي آهي يا وري جڏهن ڪا پارٽي لاڳيتو اقتدار جي منزل ماڻيندي رهندي آهي ته پوءِ ان جا ٻه الڳ نتيجا پيدا ٿيندا آهن. يڪسانيت جي صورت ۾ سماج ۾ سياسي بيزاري پيدا ٿيندي آهي. سياسي چٽا ڀيٽي ختم ٿيندي آهي. ڪنهن پارٽي جي لاڳيتو اقتدار ۾ رهڻ سبب به سماج جي ردعمل ۾ ساڳي صورتحال پيدا ٿيندي آهي. ٻنهي صورتن ۾ جيڪڏهن ڪا پارٽي پنهنجون عوام جي ڀلي واريون خدمتون سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندي آهي. نتيجي ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروري وڌندي آهي ته ڪنهن نئين سياسي قوت جو اچڻ هڪ قدرتي عمل ٿيڻ گهرجي. پر سنڌ ۾ ان جي ابتڙ اهڙي ڪنهن به متبادل جي سامهون اچڻ کي پذيرائي نه ٿي ملي. اهو به ممڪن آهي ته ان متبادل وٽ حڪمت عملي جي تمام گهڻي کوٽ هجي، وٽس وسيلا ٻڙي جي ويجهو هجن. اصل اقتداري ڌرين يعني اسٽيبلشمنٽ جي هانءُ تي آئڙي نه ٿيندي هجي.ان ڪري ان ڳالهه جو سياسي نفسيات موجب جائزو وٺڻ ضروري آهي ته متبادل جي ڳالهه ڇو سامهون اچي ٿي؟ ۽ متبادل بابت رد ڪيئن سامهون اچن ٿا؟ متبادل بابت ڳالهه ان ڪري سامهون ايندي آهي ته اها وقت جي گهرج هوندي آهي ۽ سماج جي ارتقائي مرحلن ۾ اها لازمي بڻيل هوندي آهي. متبادل جو مطلب رڳو ڪنهن پارٽيءَ جي مسلسل حڪمرانيءَ ختم ڪرڻ به ناهي هوندي پر ان پارٽيءَ اندر به بدلاءُ جي گهرج محسوس ڪئي ويندي آهي.

جڏهن پاڻ ڪنهن متبادل جي رد جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان جا سبب ٻه هوندا آهن هڪ ته اڳ ۾ موجود ڌُر چاهيندي آهي ته اها اقتداري سياسي ميدان ۾ اڪيلي هجي ان لاءِ انهن پاران پنهنجي مخصوص حلقي وسيلي متبادل جي سوال کي بار بار اڀاريو ويندو آهي ۽ پوءِ اها پرسپشن (گهڙيل ڳالهه) جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته: “ڀلا ٻيو ڪير متبادل آهي؟” اهڙو سوال خاص ڪري سنڌ ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ٻڌڻ ۾ ايندو رهيو آهي. جنهن سان سماج مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي ريت اهو نفسياتي وارَ لاڳيتو جاري رهندو آهي. جڏهن ته وري هڪ تمام ننڍڙو حلقو مايوسي جو شڪار هوندو آهي جيڪو پڻ ان تاثر هٿان ٽريپ ٿي ويندو آهي ۽ ان وٽ به اهو سوال پيدا ٿيندو آهي جيڪو سماج ۾ شدت اختيار ڪري ويندي آهي. اها صورتحال رڳو ڪنهن اقتداري پارٽي جي ناهي پر پارٽين اندر به اها ئي صورتحال هوندي آهي ۽ اهي تڪ وائيز متبادل واري سوال تي منجهيل هونديون آهن جنهن ڪري هڪ مخصوص ڀوتارڪي ذهنيت واري چونڊ مسلسل عمل هيٺ ايندي آهي ۽ مرڪزي قيادت کي به اها ڳالهه سوٽ ڪندي آهي جو انهن کي “باصلاحيت” بجاءِ “با ادب” کپندا آهن. ان سموري بحث لاءِ ضروري آهي ته گذريل ڪجهه اقتداري ڏهاڪن جو جائزو وٺجي جيڪو اڪثر ماڻهن لاءِ نئون ته نه هوندو پر ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ اهو ضروري آهي.

پاڻ گهڻو پوئتي نه ٿا وڃون بس هاڻوڪي پاڪستان واري سياست کان ڳالهه شروع ڪيون ٿا ڇو ته 1954ع ۽ 1962ع واريون چونڊون اڻ سڌيون ۽ بنا پارٽي بنيادن تي ٿيون هيون. 1970ع واريون چونڊون پارٽي بنيادن تي ٿيون ۽ هڪ عوامي اڀار سان ٿيون جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو عوامي اڳواڻ ٿي سامهون آيا پر بدقسمتيءَ سان بنگلاديش ۾ جيڪو ٿيو ۽ نتيجي ۾ اهي الڳ ٿي ويا. گڏيل پاڪستان واري ٿيل چونڊن جي انهن ئي نتيجن جي بنياد تي هاڻوڪي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس پارٽي اقتدار ۾ اچي ويا. انهن چونڊن ۾ جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته سنڌ اندر پ پ رڳو اڪثريتي پارٽي هئي، پر ان ڪيتريون ئي سيٽون هارايون به هيون، ۽ پنجاب ۾ 180 صوبائي سيٽن مان 113 تي ڪاميابي ماڻي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي صلاحيت ماڻيائين ۽ سنڌ ۾ 60 سيٽن مان 28 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. جڏهن ته ٻيو نمبر تي 14 آزاد اميدوار هئا. جميعت علماءِ پاڪستان 7، مسلم ليگ (قيوم) 5، ڪنوينشن مسلم ليگ 4 ۽ جماعت اسلامي توڙي ايم پي پي ايم هڪ هڪ سيٽ کٽي هئي.

پ پ پاران ڪامياب اميدوارن ۾ مڊل ڪلاسي به هئا ته بهتر ساک وارا زميندار به هئا. پر سندس پارٽي رڳو عددي حساب سان پهريون نمبر تي هئي پر حڪومت لاءِ گهربل انگ کٽل هو. ڇا ڀٽو صاحب به 1970ع وارين سنڌ جي چونڊن جي نتيجن ۾ ڀوتارڪي ڪلب جي ان پرسپشن هٿان ٽريپ ٿي ويو هو ته انهن جو متبادل ڀوتار ئي آهي؟ نتيجي ۾ هن 1977ع جي چونڊن ۾ ڀوتارن جي هڪ پوري پلٽون کي ٽڪيٽون ڏنيون. جيتوڻيڪ ڀٽو هڪ وڏي ليڊر طور ڪمانڊنگ پوزيشن ۾ هو ۽ ان شروعاتي فيز ۾ جتي کيس اسٽيبلشمنٽ کي سياسي ڪردار کان پري رکڻو هو اتي هن انهن کي به پاڻ سان شامل ڪيو ۽ مٿان اقتداري ڪلب ۾ مڊل ڪلاس کي اڳتي آڻڻ بجاءِ هن ڀوتار ڪلاس کي اڳتي آندو ڇو ته اهو “باادب” وڌيڪ هوندو آهي. 1970 ع ۽ 1977ع جي چونڊن ۾ صاف نظر اچي ٿو ته جن ڀوتارن ڪجهه تڪن تي پ پ کي پهرين چونڊن ۾ هارايو هو اهي 1977ع واري چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي کٽي آيا ۽ گهوٽڪي جيڪو ان وقت سکر هو سميت جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ويندي ڪراچي جي تڪن تي درجن کن بنا مقابلي کٽي آيا يا وري وڏي مارجن تي کٽيائون. ڀٽو جيترو وڏو ۽ عظيم ليڊر هو اتي کيس اقتدار جي الڪي اهو ڪرايو ۽ هن پارٽي ۾ موجود متبادل کي اڳتي نه آندو.

ان وقت سنڌ ۾ قومپرست قيادت لاءِ انهن جي اندران ئي اها پرسپشن اڀري آئي هئي ته اهي متبادل طور پارلياماني سياست ۾ وڙهي نه ٿا سگهن، ان جو هڪ لکت وارو مثال نامياري ليکڪ رشيد ڀٽي جي ڊائري آهي جنهن ۾ هن قومپرستي واري سياست کي، قومپرستي واري سياست ڪندڙن کي ئي ڌڪ هڻڻ جي ڳالهه ڪري ڀٽي کي اڻسڌي طرح سان فائدو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سنڌ ۾ ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي پيدا ٿيل قومپرستي ۽ جدوجهد چونڊ عمل ۾ فائدو نه ورتو ۽ پوءِ جي ايم سيد ايڪسٽريم ليول واري قومي سڃاڻپ ۽ آجپي واري سياست شروع ڪري ڏني. جڏهن ته پٺاڻن ۽ بلوچ قومپرستن ٻنهي ڌارائن وسيلي پنهنجو اسپيس حاصل ڪري ورتو. سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ وارين ٽن چونڊن ۾ اسان کي جتي پير ۽ جاگيردار نظر اچن ٿا اتي وري مڊل ڪلاس يا پڙهيل ڪلاس به نظر اچي ٿو جن مان ته شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو وزيراعظم ٿيو. حيدرآباد ۽ ڪراچي جي تڪن تي هندو آبادي مان وچٿري سوچ وارا ميمبر به چونڊجي آيا هئا. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته ووٽ جو حق رڳو ٽيڪس ڏيندڙن کي هو ان ڪري قدري پڙهيل لکيل قيادت سامهون آئي.

ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي پنهنجي ئي مقرر ڪيل آرمي چيف ڏنگي وڌو. جيل ۾ هجڻ وقت وارن ڏينهن بابت ڪرنل رفيع الدين پنهنجي ڪتاب “ڀٽو جا آخري ڏينهن” ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀٽي صاحب وٽ آخري ڌمڪي “سنڌو ديش” ٺهڻ واري هئي. رفيع الدين سچ چئي ٿو يا ڪوڙ پر هاڻ اقتدار لاءِ اهڙي قسم جي ايڪسٽريم ڌمڪين جي گونج ڪڏهن ڪڏهن سنڌ توڙي پنجاب جي اقتداري اڳواڻن کان ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن. جيئن بلاول ڀٽو زرداري جو نعرو “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” مريم نواز جو “اب پنجابي جاگ گيا هي”، ان کان اڳ نواز شريف جو “جاگ پنجابي جاگ” ۽ ڪجهه وقت اڳي نون ليگ اڳوڻ خالد لطيف جو “مريم نواز کي ڪجهه ٿيو ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو نه هڻنداسين.” سو ان وکر کي ووٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ اقتداري پارٽيون نفسياتي انداز ۾ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن ٿيون جنهن کي وڏين اقتداري پارٽين به کپائڻ شروع ڪيو آهي، سو اهي به اچي ان پرسپشن کي هٿي ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي رهيا آهن ته اهڙي ڳالهه جا به اهي ئي متبادل آهن.

جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1977ع وارين چونڊن ۾ ڪيو تيئن وري 1993ع وارين چونڊن ۾ محترمه بي نظير ڀٽو ڪيو ۽ اها به ان ٽريپ ۾ اچي وئي ته سنڌ ۾ ڀوتار جو متبادل ڀوتار ئي آهي. ۽ هن به سواءِ ڪجهه وچولي طبقي جي ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون. اهو اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي جون ڳالهيون آهن ته ڀوتار ڪلب جا ماڻهو لاڙڪاڻي جي مرتضى هائوس يا ڪراچي جي بلاول هائوس تي پيرن تي الرٽ ۽ هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا هئا. بعد ۾ محترما ان رويئي ۾ تبديلي آڻي ان سوچ طرف ورڻ جو طئي ڪيو جيڪا هن 1988ع ۾ اختيار ڪئي هئي، پر 1996ع کان اقتدار تان ٿڙڻ بعد  وري هوءَ اقتداري ايوانن ۾ نه اچي سگهي ۽ جڏهن هوءَ نون خيالن سان واپس آئي ته کيس موقعو نه مليو پر پارٽي اندر متبادل خيال جو داخل ٿيڻ پوءِ به سولو نه هو. نوي واري ڏهاڪي ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ جون حڪومتون واري واري سان اينديون رهيون. پ پ سنگل پارٽي ۽ باقي ٻيون پارٽيون ۽ اتحاد سنڌ ۾ ايندا رهيا. بي نظير ڀٽو جي هوندي اهو ضرور ٿيو ته هن ڀوتار کي لڳ ڀڳ هيسائي رکيو، جيڪي هٿ ٻڌي بيٺل هوندا هئا پر اهي پنهنجا هٿ پنهنجي تڪن ۾ کولي ماڻهن جي ڳچين ۾ پيا وجهندا هئا. ايم ڪيو ايم سان “مٿين” جي زور تي ڀائيواري به ڪئي وئي. ن ليگ وري مڪس پليٽ وانگر سنڌ ۾ حڪمراني ڪئي. حقيقت ۾ اهو ڏهاڪو ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ ڪافي هو ته اقتداري ڪلب انهن جا ڏوجهرا حل نه ٿي ڪري سگهي. پر متبادل جو سوال شدت سان سامهون نه آيو. ايترو ٿيو ته اقتدار ۾ رهڻ جي چڪر ۾ ڀوتار پارٽين وٽ ٿورو گهڻو هيسيل ضرور هو.

(حصو پهريون)