ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ، پوليس تي پٿراءُ ۽ گاڏيون ساڙڻ وارو احتجاج ..!!

0
167
سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ناقص ڪارڪردگي

ڊگھي عرصي جي خاموشي ۽ پرامن ماحول کان پوءِ ڪراچي ۾ اهو ماضي موٽي آيو جنهن ۾ گاڏيون روڊن تي سڙنديون هجن، پوليس تي پٿراءُ ۽ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن تي لٺبازي، شيلنگ ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريون ٿينديون هيون.  پي ٽي آءِ پاران ڪالهه ڪراچي جي نمائش چورنگي وٽ اعلانيل ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪراچي جي انتظاميا ۽ پوليس پاران گڏيل حڪمت عملي تحت  نه رڳو نمائش پر ان سمورن علائقن کي عام ماڻهو لاءِ “نوگو ايريا” بڻائي ويو، جن علائقن مان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جا قيادت جي اڳواڻي ۾ قافلا نڪرڻا هئا، ڪالهوڪي ڏينهن ۾ ڪراچي جي مُک شاهراھه ليکي ويندڙ ايم اي جناح روڊ تي قائم نمائش چورنگي توڙي شاهراھه قائدين وارا علائقا ان ماضي جي ياد ڏياري رهيا هئا. پي ٽي آءِ پاران نمائش چورنگي وٽ منجهند 3 وڳي ڌرڻو هڻڻ جو وڏي واڪي اعلان ته ڪيو ويو پر لڳ ڀڳ شام 5 وڳي تائين پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز توڙي ڪراچي مان چونڊيل ايم اين ايز ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر علي زيدي ۽ ڪراچي ڊويزن جا اڳواڻ منظرِعام تي نظر ئي نه آيا، ان ڪري شام 5 وڳي تائين اهي افواهه به هلي رهيا هئا ته پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر بلال غفار کي پوليس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙن افواهن کان پوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت پاران اهي ترديدون ڪيون ويون ته ڄاڻايل ٻئي اڳواڻ گرفتار نه ٿيا آهن ۽ هُو ڪجهه ئي دير ۾ قافلن جي صورت ۾ نمائش وٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويندا. شام 5 وڳي تائين پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڪراچي جي روڊن توڙي نمائش چورنگي وٽ ڌرڻي واري جاءِ تي بي يارومددگار بڻيل رهيا، پوليس کين گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد هڪ بڪتر بند گاڏين ۾ وجھندي رهي، جتي رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ عورت ڪارڪنن کي پوليس سان مزاحمت ڪندي ڏٺو ويو. شام جو 5 وڳي کان پوءِ صورتحال ڪجهه تبديل ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز توڙي پارٽي جو صوبائي صدر ۽ ٻيا اڳواڻ نمائش چورنگي وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن بعد ڪارڪنن به اچڻ شروع ٿي ويا. ان دوران پوليس کين ڇِڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪندي رٻڙ جون گوليون به هلايون، جنهن سبب شاهراھه قائدين توڙي نمائش چورنگي وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

پوليس جي موبائلن توڙي پوليس اهلڪارن ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران بيهاريل ڪمانڊوز تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پٿراءُ ڪيو ويو.  پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران ماضي جي هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن وانگر ميڊيا کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پر ڪٿي به قيادت نظر نه آئي جيڪا پارٽي جي ڪارڪنن کي ميڊيا سان جھيڙو نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري. ايتري قدر جو ميڊيا جي هڪ عورت رپورٽر سان به پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران بدتميزي ڪئي وئي، خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽر زم زم سعيد کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن گھيري ۾ آڻي ورتو ۽ ساڻس بدتميزي ڪئي وئي. جنهن بعد هُن هڪ گاڏي ۾ ڀڄي وڃي پناھه ورتي. ان سموري صورتحال جو پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به تماشو ڏسندا رهيا پر ڪنهن به اڳواڻ پارٽي جي ڪارڪنن کي منع نه ڪيو، نه ئي ڪو نوٽيس ورتو ويو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن  ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل چڪرين ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا، جڏهن ته 150 ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. شاهراھه قائدين وٽ جڏهن پوليس اهلڪارن پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو ۽ آفتاب صديقي جي اڳواڻي ۾ نمائش ويندڙ قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارڪنن اوچتو پوليس تي شديد پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو،

جهڙي ريت پٿراءُ ڪيو ويو ان وقت ته ڪنهن کي اندازو ئي نه هو ته اهي پٿر ڪٿان آيا ؟ پر بعد ۾ اهو ضرور ڏٺو ويو ته ان قافلي ۾ موجود ڪارڪنن وٽ ئي پٿر موجود هئا. ڇاڪاڻ ته اتي اهڙي ڪا به صورتحال نه هئي جو اتي پٿرن جو ايترو وڏو تعداد موجود  هجي. پي ٽي آءِ جي اعلان بعد پوليس ڪالهه صبح کان ئي الرٽ هئي، نه رڳو پوليس پر رينجرز جي وڏن اٽالن به نمائش ۽ شاهراھه قائدين ۽ شاهراھه فيصل سميت ٻين علائقن جو دورو پئي ڪيو، جنهن جي ڪري پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ خوف صبح کان ئي هو، ويتر پارٽي جي صوبائي ۽ ڊويزنل قيادت شام تائين رڳو سوشل ميڊيا تي نظر پئي آئي، منظرِ عام تي شام تائين ڪو به اڳواڻ نه پئي آيو، جنهن ڪري جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارڪن پنڌ يا ڪنهن وسيلي نمائش وٽ پهچن پيا ته انهن کي بڪتر بند ۾ قيد ڪيو پيو ويو.

سڄو ڏينهن جيڪا صورتحال پيدا ٿيل هئي، ان مان اهو پئي لڳو ڄڻ پوليس ۽ ڪارڪن ٻئي ڀرپور تياري سان هئا. پي ٽي آءِ جيترن ماڻهن جي ڌرڻي ۾ شرڪت بابت دعويٰ ڪئي هئي اها دعويٰ ته دم ٽوڙي چُڪي هئي پر جيڪي ڪارڪن پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا انهن ۾ سخت ڪاوڙ ڏٺي وئي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن اها سموري ڪاوڙ نه رڳو پوليس پر ميڊيا جي نمائندن تي تشدد ڪري  به جھڪي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي. پي ٽي آءِ جي قيادت کي ڌرڻن جا اعلان ڪرڻ کان اڳ گھرجي ها ته هُو ڌرڻن کي ڪامياب ڪرڻ جي مهم دوران ڪارڪنن کي ڪجهه هدايتون به جاري ڪن ها، جيڪڏهن ايئن ڪيو وڃي ها ته شايد ڪالهه ايترو ماحول خراب نه ٿئي ها ۽ سنڌ سرڪار کي به گھرجي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي احتجاج کان ايئن نه روڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته جھموريت ۾ احتجاج سڀني جو حق آهي.

ان حق کان ڪنهن به سياسي پارٽي کي محروم نه ڪيو وڃي. ڪراچي اهو شهر آهي جنهن جي هڪ شاهراھه بند ٿيڻ سان سڄي شهر جي ٽريفڪ نظام تي اثر پوندا آهن، ڪالهه به ڪجهه ايئن ئي ٿيو، ڇو ته پوليس نمائش ويندڙ سمورا رستا واٽر ٽينڪر، پوليس موبائلون، بڪتر بند گاڏيون ۽ بيريئر لڳائي بند ڪري ڇڏيا هئا، شهرين کي ٽريفڪ لاءِ متبادل رستا فراهم ڪيا ويا هئا. پر ان باوجود مُک شاهراھه بند ٿيڻ جي ڪري روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو ۽ شهرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. بهرحال ڪالهوڪو ڌرڻو اهڙو ٽيسٽ ڪيس هو، جنهن کي جيڪڏهن دٻايو نه وڃي ها ته اهو ضرور وائکو ٿي وڃي ها ته پي ٽي آءِ وٽ موجود ڪارڪنن جو ڪراچي ۾ ڪُل انگ ڪيترو آهي؟ ڪيترا ماڻهو موجوده سرڪار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ڪيترو عوام ساڻس گڏ بيهڻ لاءِ هر صورت ۾ تيار آهي.