حيدرآباد: ڪانفرنس جي پهرين ماحولياتي ويهڪ ۾ ماحوليات تي لکندڙ سماجي اڳواڻ ناصر پنهور چيو ته سنڌ  ۾فطرت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. پلاننگ کان بغير شهرڪاري ٿي رهي آهي. زرعي زمينون ختم ٿي رهيون آهن. باغن وارو شهر حيدرآباد هاڻ بلڊنگن جو شهر بڻجي ويو آهي. شهرن جي رٿابندي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن بجاءِ بلڊر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن کان موجود ٻيلن کي ختم ڪري فاريسٽ ليز پاليسي تحت زمينون وڏيرن ۽ سردارن جي حوالي ڪيو ويو. ڍنڍون ختم ٿي ويون آهن, رامسر سائيٽس هاڻ صرف رڪارڊ ۾ رهيون آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪوئلي کي ڊرٽي انرجي چيو وڃي ٿو پر هتي ڪوئلي تي زور آهي. ڪوئلو ماحوليات جي لاءِ انتهائي  خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو. ڪوئلي جي اوپن پٽ مائننگ ٿيڻ سان ٿر جي ماحوليات سخت متاثر ٿيندي. اسان پنهنجي خوراڪ جي زنجير کي ٽوڙي رهيا آهيون. ڊيلٽا سمنڊ کان زمين حاصل ڪري پنهنجو وجود قائم ڪيو پر هاڻ سمنڊ واپس زمين وٺي رهيو آهي. مٺو پاڻي سمنڊ ۾ هر صورت ۾ ڇڏڻو پوندو. غير ملڪي شڪاري لائسنس وٺي 10 پکين جي مارڻ جي اجازت تي 5 سئو پکي ماري ٿا اچن. سنڌ جي سياسي جماعتن کي سنڌ جي ماحوليات فطري حسن فطرت جي رنگن ۽ سنڌ واسين جي جياپي جي لاءِ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پورهيت اڳواڻ ناصر منصور چيو ته پاڪستان جي رياست جو اسٽرڪچر سوشل ايڊز آهي. هتي هر عمل عوام جي خلاف هوندو آهي. هن چيو ته ماڻهو ماحوليات کي رڳو وڻن سان جوڙين ٿا پر ٿرڪول تي ڪير نٿو ڳالهائي ته ٿرڪول اتان جي ماحوليات کي ڪيئن تباهه ڪندو. هن چيو ته بحريا ٽائون واري فيصلي ۾ عدالت بحريا ٽائون تي ڏنڊ هڻي سندس قبضي کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو. بني گالا سميت سگهارين ڌرين جي والار کي عدالتن تحفظ ڏنو آهي. هن چيو ته رياست پاڻ کي هائوسنگ کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ خانگي سگهارين ڌرين ڪجهه ادارن جي ذريعي هائوسنگ وارو ڪم بنا پلاننگ جي شروع ڪيو آهي.  ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته انڊس ڊيلٽا سنڌ جي سڃاڻپ رهي آهي. سنڌوء تي بند ٻڌڻ واري پهرين وک کان انڊس ڊيلٽا جي تباهي شروع ٿي. هن چيو ته منڇر ۾ صاف ۽ مٺو پاڻي نه ڇڏيو ويو ته منڇر به ختم ٿي ويندي. منڇر ۾ 70 سيڪڙو پاڻي آر بي او ڊي جو زهريلو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ٺٽي سجاول ۽ بدين وارو علائقو سمنڊ جي مڪمل لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. هن چيو ته ڍنڍن کي گدلي پاڻي کان بچائڻو پوندو. شهرن ۽ فيڪٽرين جو فضلو روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.