لاھور ڪانفرنس ۾ سزا يافتا ڏوھاري کي خصوصي مھمان بڻايو ويو: وزيراعظم

0
264
سزا يافتا ڏوھاري کي خصوصي مھمان
لاھور ڪانفرنس ۾ سزا يافتا ڏوھاري کي خصوصي مھمان بڻايو ويو: وزيراعظم

جھلم (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ لاهور ۾ تازو ٿيل ڪانفرنس دوران اعليٰ عدليه جي ججز سان گڏ سپريم ڪورٽ مان سزا مليل شخص کي به خصوصي مهمان طور گهرايو ويو،اُن شخص کي پسئو چوري ڪرڻ تي سزا ملي ۽ ڪوڙ ڳالهائي پرڏيهه فرار ٿي ويو

 وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي نالو کڻڻ بنا تنقيد ڪئي، جهلم جي يونيورسٽي ۾  تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته آئون سياست ۾ تبديلي لاءِ آيو آهيان، خودغرض ماڻهو ڪڏهن به ليڊر نٿو ٿي سگهي

ھن چيو تھ سچو ۽ انصاف ڪندڙ ماڻهو ئي ليڊر ٿيندو آهي، قومي ليڊر پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي سوچيندو آهي، اولهه جو ڪلچر اسان جي تباهي جو وڏو ڪارڻ آهي، اسان جو تعليمي نظام به ترقي اڳيان رنڊڪ بڻيل آهي، ملڪ ۾ تعليم جا 3 ڌار ڌار نظام هجڻ سبب قوم ورهائجي وئي

ھي به پڙھندا

پاڪستان کي مديني وانگر فلاحي رياست بڻائڻ زندگي جو مقصد آهي: وزيراعظم