سرهاري (ن پ ا) سرهاري پوليس عدالتيحڪم  تي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل ماءُ ۽ ٻن ڌيئرن کي بازياب ڪرائي ورتو، خبر موجب پوليس عدالتي حڪم تي ڪاروائي ڪندي چودگي ڀرسان سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل سوڍي زال عمر اوڏ، سندس ٻن ڌيئرن صائمه ۽ ڀاڳي اوڏ کي بازياب  ڪرائي سرهاري ٿاڻي تي آندو، درخواست گذار عمر پٽ گلاب اوڏ جو چوڻ هو ته  بٺي جو مالڪ سمندر پٺاڻ سندس زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ناحق قيد ڪري ڇڏيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايلن کي اڄ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ شھدادپور ۾ پيش ڪيو ويندو.