سنڌ ھاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون کي نور محمد گبول ڳوٺ ۾ اڏاوتن ۽ ڀڃ ڊاھه کان روڪي ورتو

0
544

ڪراچي (رپورٽر) نور محمد گبول ڳوٺ تي بحريا ٽائون پاران قبضي ڪرڻ وارو معاملو سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچي ويو، مراد بخش گبول پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون کي ڳوٺ تي ڪنھن به قسم جي تعمير يا ڀڃ ڊاھ کان روڪي ورتو، عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڪري ڌرين کان تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايچ او گڏاپ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار مراد بخش گبول موجب، بحريا ٽائون انتظاميه پاران قديم ڳوٽ نور محمد گبول تي قبضو ڪيو پيو وڃي، گذريل 3 ڏينھن کان پوليس جا اٽالا ڳوٺ پھچي گھر خالي ڪرائڻ جو چئي رھيا آھن، نور محمد گبول سنڌ جو قديمي ڳوٺ آھي، جنھن جو کاتو پڻ ٺھيل آھي پوليس ۽ بحريه ٽائون کي ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ کان روڪيو وڃي. درخواست ۾ وفاقي گھرو کاتي جي سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايس ايس پي ملير، بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي ڌر بڻايو ويو آھي.