ميرپورخاص (ڪامرس ڊيسڪ)سنڌ واسي سال جا 12 مهينا ئي انب کائي سگهندا، جڏهن ته  انبن جا وڻ پڻ سال ۾ 2 ڀيرا ڦر جهليندا، ان ڏس ۾ زرعي تحقيق شعبي جي ڊي جي نور محمد بلوچ ٻڌايو ته  ميرپورخاص هارٽيڪلچر انسٽيٽيوٽ ۾ 7 سالن جي عرصي ۾ انبن جي 92 جنسن جا 156 وڻ لڳايا آهن، اسان هڪ وڻ تي 2 جنسون آسٽريلوي جنس ايگزو بوئي ٽانگ ۽ ٿائي لينڊ جي جنس نيمڊو ڪمائي لڳايون آهن، هن چيو ته سدا بهار انب جنوري ۽ جون کانسواءِ سال جا باقي 10 مهينا ۽ مهراڻ انب وري جون ۽ نومبر ۾ سال ۾ 2 ڀيرا انبن جي پيداوار ڏيندا.