ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب چيو آهي ته سمورا چور پي ٽي آءِ حڪومت جي ڇٽي هيٺيان گڏ ٿيا آهن، ماضي جي حڪومتن جي منصوبن جو افتتاح ڪندڙ زيراعظم چوي ٿو ته اين آر او ڪونه ڏيندس، نااهل ترين جو ترين نڪري ويو آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پنجاب ۽ قومي اسيمبلي مان 48 ميمبرن جو گروپ نڪري پيو ته هاڻي ڇا وزيراعظم وٽ اڪثريت آهي؟ هاڻي نه رڳو وسيم اڪرم پلس بوزدار به اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، جيڪو چوي ٿو ته 20 سال ڪرڪيٽ کيڏي ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه آيس، هاڻي ان تي دٻاءُ واضع نظر اچي پيو، حڪومت خطري ۾ آهي، هاڻي يا ته بجيٽ پاس ٿيندي يا جهانگير ترين جا ڪيس ختم ٿي ويندا، هاڻي وقت آيو آهي ته وزيراعظم کي صدر چوي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت ثابت ڪري، راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي ذريعي هڪ ارب جو قومي خزاني کي نقصان ڏنو ويو، ايمانداري جي دعويدارن جا سوين اسڪينڊل سامهون اچي چڪا آهن، کنڊ اسڪينڊل سڀني کان اڳ ۾ سامهون آيو، ڪپتان پوڻن ٽن سالن ۾ جيڪا ايمانداري ڪئي آهي، اها رڳو هڪٻئي تي الزام لڳائڻ آهي، اسڪينڊلز باوجود سڀ کان پهرين عليم خان کي اين آر او ڏنو ويو، پنجاب جي 600 سائيٽس کي اين آر او ڏنو ويو، هن چيو ته شگر ڪميشن جي رپورٽ ۾ آهي ته کنڊ جو بحران انهي ڪري پيدا ٿيو ته کنڊ پرڏيهه اماڻي وئي، ته اها ڪنهن اماڻي هئي؟ جهانگير ترين ته وزيراعم نه هو اهو فيصلو ته ڪپتان جو هو، انهي جي انڪوائري عمران خان کان ٿيڻ گهرجي، سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي، عمران خان جي موجودگي ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ممڪن ئي ناهي، هاڻي عمران خان کي وڃڻ گهرجي، هن چيو ته آدم شماري تي تحفظات آهن، انهي حوالي سان جلد سنڌ سرڪار وفاق کي خط اماڻيندي.