سنڌ حڪومت پاران ترقيون ماڻيندڙ 288  ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

0
451
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران تازو 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسرز ۽ پرنسيپالز طور ترقيون ماڻيندڙ 288 ميلز ۽ فيميلز جون مٿين عهدن تي مقرريون ڪري ڇڏيون.

سروسز کاتي جي اختيارين پاران تازو ترقيون ماڻيندڙ 179 ميلز ۽ 109 فيميلز جون ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪشمور سميت ٻين مختلف ضلعن ۾ مقرريون ڪيون.

الهجڙيو مغيري کي بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول وارهہ ۾ پرنسيپال طور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڪندر تنيو ي قمبر شهدادڪوٽ جي ٻير شريف هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسيپال مقرر ڪيو ويو.

خليل مهر، غفور کوسو، قادر ڏاهري، واحد بخش ٻگهيو، ارشد شيخ، امان الله شاهه، پرويز جٽ کي مٿين عهدن تي مقرر ڪيو ويو.

فرزانه سومرو، سروت جهان، انيله جليل، تحسين فاطمه ۽ ٻين جون ٻه مختلف هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پرنسيپال ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسرز طور مقرري ڪئي وئي، جنهن بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.