ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ جي 5 ڪروڙ آبادي لاءِ صحت کاتي وٽ رڳو 399 ايمبولينسون هجڻ جو انڪشاف ! گادي واري شهر ڪراچي لاءِ 60 ايمبولينسون مختص،  ٽنڊي محمد  خان ضلعي ۾ سڀ کان گھٽ رڳو 4 ايمبولينسون هجڻ جو به اعتراف، اربين رپين جي بجيٽ رکندڙ صحت کاتو صوبي ۾ ايمرجنسي لاءِ ڪو به هيلپ لائين نمبر  ڏئي نه سگھيو. ان حوالي سان صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ “پنهنجي اخبار” هٿ ڪري ورتي آهي، رپورٽ موجب  ڏيڍ ڪروڙ آبادي واري شهر ڪراچي لاءِ صحت کاتي جون رڳو 60  ايمبولينسون آهن، جڏهن ته  22 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ حيدرآباد  ضلعي ۾ صحت کاتي جون  رڳو 15 ايمبولينسون آهن، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ جي آبادي رکندڙ جيڪب آباد ضلعي ۾ 16 ۽  7 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ٽنڊو محمدخان ۾ صرف 4  ايمبولينسون آهن. رپورٽ موجب 16 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ 11 ايمبولينسون، 8 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ضلعي مٽياري ۾ 6 ايمبولينسون، 12 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شڪارپور ۾ 17 ايمبولينسون، 18 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ضلعي بدين ۾ 16 ايمبولينسون آهن، رپورٽ موجب 8 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ضلعي سجاول ۾ 11 ايمبولينسون، 24 لک آبادي رکندڙ خيرپور ۾ 15 ايمبولينسون ۽  14 لک آبادي رکندڙ سکر ۾ 18 ايمبولينسون آهن. رپورٽ موجب 15 لک آبادي رکندڙ لاڙڪاڻي ۾ 23 ايمبولينسون،11 لک آبادي رکندڙ ڪشمور ۾ صرف 6 ايمبولينسون ۽  16 لک آبادي رکندڙ نوشهروفيروز ۾ 15 ايمبولينسون آهن. صحت کاتي پاران جمع ڪرايل رپورٽ موجب 11 لک آبادي رکندڙ عمرڪوٽ ۾ 14 ايمبولينسون، 17 لک آبادي رکندڙ ٿرپارڪر ۾ 39 ايمبولينسون، 21 لک آبادي رکندڙ سانگهڙ ۾18 ايمبولينسون، 10 لک آبادي رکندڙ ٺٽي ۾ 14 ايمبولينسون  ۽ 14 لک آبادي رکندڙ قمبر ۾ 8 ايمبولينسون آهن. رپورٽ موجب 15 لک آبادي رکندڙ ضلعي ميرپورخاص ۾ 15 ايمبولينسون، 17 لک آبادي رکندڙ گهوٽڪي ۾ 13 ايمبولينسون ۽  9 لک آبادي رکندڙ ضلعي ٽنڊوالهيار ۾  صحت کاتي جون 7 ايمبولينسون آهن. رپورٽ موجب 16 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ضلعي دادو ۾ 13 ايمبولينسون  ۽ 10 لک آبادي رکندڙ ضلعي ڄامشوري ۾ 25 ايمبولينسون آهن. ايڊووڪيٽ مظهر علي شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پڇاڻي تي صحت کاتي جي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته صوبي ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪا به هيلپ لائن ايڪٽو ناهي، ان ڏس ۾ کاتو قدم کڻي رهيو آهي.