اسلام آباد (بيورورپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيلن جو معاملو نئين وفاقي ڪابينا سامهون رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. گم ٿيلن بابت ڪميشن جي تازي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، عدالتي مددگار ۽ ٻين ڌرين کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تجويزون طلب ڪيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته وفاقي حڪومت کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو پيو وڃي ته اها پاليسي جوڙي، گهرو سيڪريٽري وفاقي حڪومت کان جبري گمشدگين بابت هدايتون وٺي آگاهه ڪري. ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم عدالت کي ٻڌايو ته 31 مارچ جي ڪميشن رپورٽ آهي ته 76 ڄڻا مارچ ۾ گم ٿيا ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري مارچ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي رپورٽ ڪابينا جي سامهون پيش ڪري. مدثر نارو جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو ته قانون ناهيان پڙهيل پر ڪو چور به هوندو آهي ته ان جي ضمانت ٿي ويندي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته مدثر نارو جي فيملي وٽ تصديق ٿيل رپورٽ آهي، گهرو سيڪريٽري مدثر نارو جي فيملي سان رابطو ڪري ۽ آزادي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٽن هفتن جو وقت ڏيڻ جي اپيل ڪئي، عدالت ڪميشن جي رجسٽرار کي چيو ته اڳ ۾ ته پنهنجي ڪارروائي ۾ همدردي کڻي اچو، انهن تائين ته توهان کي پاڻ پهچڻو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪميشن طرفان مسنگ پرسنز جي فيمليز کي مطمئن ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن مسنگ پرسنز جي ٻيهر دانهن ايندي ته عدالت ڪميشن کي ذميوار قرار ڏيندي. عدالت وفاقي حڪومت کان فيڊرل ٽاسڪ فورس آن مسنگ پرسنز جي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.