اي سي روم مان نڪرو ڪم ڪيو: اداڪارا رابعا ڪلثوم جي مريم نواز تي تنقيد

0
336
اي سي روم مان نڪرو ڪم ڪيو: اداڪارا رابعا ڪلثوم جي مريم نواز تي تنقيد
اي سي روم مان نڪرو ڪم ڪيو: اداڪارا رابعا ڪلثوم جي مريم نواز تي تنقيد

لاهور (شوبز نيوز)پاڪستاني اداڪارا رابعا ڪلثوم نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز کي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي. مريم نواز ٽوئيٽر تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪئي ته رابعا ڪلثوم به ميدان ۾ اچي وئي. مريم نواز منهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته عمران خان جي حڪومت جيان ان جي سوشل ميڊيا به شايد جن هلائي رهيا آهن،

تڏهن ان جي جلسن جون تصويرون ناسا کان ورتيون وينديون آهن. مريم نواز کي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي رابعا ڪلثوم چيو ته لهي ويو عمران خان، هاڻي ڇا جو خوف آهي؟ هاڻ توهان حڪومت ۾ آهيو ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، مهرباني ڪري توهان انهن کي حل ڪيو. اداڪارا وڌيڪ لکيو ته مريم نواز! توهان کي پنهنجي اي سي روم مان نڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ٽوئيٽر ڇڏي ڪم شروع ڪيو.

 

ھي به پڙھندا

عمران خان جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ريحام ۽ مشي خان ۾ جهيڙو جاري