ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 37 ڪامورن، انجنيئرن ۽ اسٽنٽ پروفيسرن کي 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سليڪشن بورڊ پاران ڪامورن جي ترقين جي منظوري ڏيڻ بعد سروسز کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ثقافت کاتي جا ڊپٽي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ، سنتوش ڪمار، زاهد آخوند ۽ شير محمد مهر 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر ۽ قانون کاتي جا علي حيدر سليم، اقبال اعواڻ، سردار علي شاھ، شاهد شيخ، شهزادو سليم، سيما اقدس، منتظر مهدي ۽ ظهور شاھ 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل ٿي ويا. جڏهن ته آبپاشي کاتي جا اشفاق ميمڻ، شڪيل احمد، شعيب سمون ۽ شهباز اختر ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو شوڪت ميمڻ وري سپرنٽينڊنگ انجنيئر ٿي ويا آهن، اهڙي طرح اسٽيوٽا جي مختلف شعبن جي 19 اسٽنٽ پروفيسرن ۽ ڪامورن سليم شيخ، نواز سومرو، نصرت اقبال، عباس سومرو، حميد غوري، منير عباسي، محمد اڪرم، شاهده پروين، ڪشور سلطانه، نازش بيگ، شبانه بيگ، فوزيه عابد، انجم لطيف، پرنس لجپال، حمزه چانڊيو، محمد بخش پنهيار، سريش، ثناالله آرائين ۽ پرتاب راءِ 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻي ورتي آھي.