سنڌ ۾ وري برسات، وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت

0
242
سنڌ جي مختلف علائقن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾برساتي ٻوڏ سبب اڳ ئي بي گهر ٿي خيمن ۾ ويٺل ماڻهن جا اهنج وري برسات وڌائي ڇڏيا آهن، ڏيپلي ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

عمرڪوٽ، سجاول، بدين ضلعن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات کانپوءِ اڳ ئي ٻڏل علائقا وري متاثر ٿي ويا

جاتي، ماتلي، ڏيئي، جهڏو،  شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو غلام حيدر،  ڪڙيو گهنور، گولاڙچي ۾ برسات جاري آهي

بدين، ڪنڊيارو، ڪنري، ڪلوئي، ڪڍڻ، ملڪاڻي  شريف، نئون ڪوٽ، شادي لارج، ٽنڊو محمد خان ۾ به برسات پئي آهي

ٽنڊو باگو، ميان صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جاري، بندن ۽ روڊن تي ويٺل متاثر سخت عذاب ۾ مبتلا آهن

ڪيٽي بندر، ڳڙهي حسن، چمبڙ، مسڻ ۽ ڀرپاسي ۾ به برسات جاري آهي، جنهن سبب ٻوڏ متاثر پريشانيون ڀوڳي رهيا آهن

FFC predicts 'high flooding' in DG Khan, Balochistan and Sindh - Pakistan - Business Recorder

ٻئي پاسي ڏيپلي ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 نوجوان فوت ٿي ويا، 30 ورهين جو موسيٰ ۽ 25 ورهين جو يعقوب ڍور چاري رهيا هئا ته اوچتو مٿن وڄ ڪري پئي

ھي به پڙھندا

جهڏو جي پراڻ ڍوري کي لڳل گهاروبند نه ڪيو ويو، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪرڻ ۾ رڌل

ٽائيم نيوزجي اپيل: ٻوڏ متاثر ٻارڙيءَ لاءِ ڄامشورو ۾ تندور لڳي ويا