جهڏو جي پراڻ ڍوري کي لڳل گهاروبند نه ڪيو ويو، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪرڻ ۾ رڌل

0
390

جھڏو (رپورٽر) جهڏو جي پراڻ ڍوري کي لڳل گهارو ٻه هفتا گذرڻ باوجود بند نه ڪيو ويو، ٻڏي ويل شهر جهڏي ۽ ڳوٺن ۾ پاڻيءَ جي سطح لاڳيتو وڌڻ لڳي، شهري ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آھن

شهرين جو چوڻ آهي ته ٻڏي وڃڻ کانپوءِ سرڪار ۽ انتظاميا جهڏو کي وساري ڇڏيو آهي، شهر ۾ پناهه وٺندڙ هزارين ماڻهو نڌڻڪا بڻيل، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين سهولتن جو ڪو انتظام نه ڪيو ويو

گھاري سبب ھن وقت تائين وڏي تباھي اچي چڪي آھي، ھزارين ماڻھو ننڌڻڪا بڻيل آھن، ڳوٺاڻن موجب ٻيڙين ۽ ٻي سامان ذريعي گھاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، حڪومت واھر ناھي ڪئي

ٻئي پاسي ٻوڏ سٽيل سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وسڪارو جاري، کپرو ۾ گجگوڙ سان تيز برسات پئي، هٿونگو، اڇڙو ٿر، ملڪاڻي شريف ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪاري سبب جل ٿل ٿي ويو

 موسميات کاتي تيز هوائن سان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ اڄ به برسات جا امڪان آهن، سڀاڻي ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي

ھي به پڙھندا

دادو جي ڊفينس لائن ٽُٽڻ بعد پاڻي جي تيز وھرڪن 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو

ميهڙ ۾ ٻوڏ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ ٻڏل