برسات اهو ناهي ڏسندي ته ڪير ڪوري آهي، ميمڻ آهي يا سيد  آهي، ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٿي ڪٽ به لڳائڻا پوندا آهن: خورشيد شاھ

0
337

سکر ( بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آھي تھ سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ سبب تباهي  ٿي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورائتا آهيون جنهن پاڻ  اچي جائزو ورتو

 برسات اهو ناهي ڏسندي ته ڪير ڪوري آهي، ميمڻ آهي يا سيد  آهي، ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٿي ڪٽ به لڳائڻا پوندا آهن

Pakistan's catastrophic floods, in photos

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ خورشيد شاھ کان سوال ڪيو ويو تھ سنڌ کي حڪومت هٿ سان  ٻوڙايو آهي؟،  حقيقتون ڏيکارڻ بدران اهڙا سوال  ڪرڻ ملڪ جي خدمت ناهي

خورشيد شاھ چيو تھ اهڙي قسم جون ڳالهيون دنيا ۾  پاڪستان لاءِ سٺو تاثر نه ڏينديون،  ٻوڏ سبب تباهي آئي پر عمران خان  جلسا ڪري رهيو آهي

عمران خان کي گرفتار ڪرڻ بدران  ڇڏيو وڃي ته جيئن هو گهمندو  رهي، ٻوڏ متاثرن جي وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ڀرپور مدد ڪري رھي آھي

ھي به پڙھندا

جهڏو جي پراڻ ڍوري کي لڳل گهاروبند نه ڪيو ويو، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪرڻ ۾ رڌل

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري