ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي رهائشي علائقن ۾ قائم صنعتون منتقل ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ صنعتن جي سروي ڪرائڻ جو فيصلو، ان حوالي سان سنڌ جي ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته صوبي ۾غيرقانوني هلندڙ صنعتن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهائشي علائقن ۾ قائم صنعتون انڊسٽريل ايرياز ڏانهن منتقل ڪيون وينديون، هن سروي ۽ ماحولياتي معاملن جو جائزو وٺڻ دوران غفلت ڪندڙ عملي کي سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو به چتاءُ ڏنو آهي. هن چيو ته حفاظتي اپائن کان بنا هلندڙ صنعتن ۾ باھ لڳڻ وارا واقعا پيش اچن ٿا، جنهن ڪري انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ ماحول کي سخت نقصان پهچي پيو. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته صوبي جي ريسٽورنٽس جو پڻ ماحولياتي معائنو ڪيو وڃي، عام صفائي ۽ اندوروني ماحول جي پڻ چيڪنگ ڪئي وڃي