سنڌ جو عوام نگران حڪومت جي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي: مراد علي شاهه

0
268

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جو عوام نگران حڪومت جي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، نگران حڪومت جو مدو وڌيو ته مسئلا پيدا ٿيندا، اليڪشن جي تاريخ جو اعلان نه ٿيڻ سبب عوام ۾ بي چيني پکڙيل آهي

مراد علي شاهه چيو ته جنوري جي آخر تائين اليڪشن جي تاريخ ڏني وڃي ته بي چيني ختم ٿي ويندي، نواز شريف کي وطن واپسي تي مليل رعايتن تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺهرائي رهيا آهيون، 4 لک گهر ٺهي چڪا آهن، مراد علي شاهه نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو

مراد علي شاهه جي وڪيل سعد هاشمي عدالت کي ٻڌايو ته هي ڪيس اينٽي ڪرپشن سنڌ ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت پاران اپيل داخل ٿي وئي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا، ڪيس جي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي